|

عمران
علي ميمڻ
پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش جي ٽيم کي هلندڙ 5 ون ڊي مئچن
تي مشتمل ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏئي چڪي آهي ۽ امڪان آهن ته
پاڪستاني ٽيم سڀاڻي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ مئچ ۾ به
آساني سان ڪاميابي حاصل ڪري بنگلاديش جي ٽيم کي وائيٽ واش ڪري
ڇڏيندي! ان کان اڳ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي جهڙي ڪمزور
ٽيم کي به وائيٽ واش ڪري گهر موڪلي چڪي آهي. بنگلاديش ٽيم سان
به ساڳي ڪار ٿيندي نظر اچي رهي آهي، پر جيڪڏهن آسٽريليا جي
ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪرڻ کان انڪار نه ڪري ها ته شايد اڄ
صورتحال مختلف هجي ها پر آسٽريلوي ٽيم سيڪيورٽي سببن جي ڪري
پاڪستان جو دورو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر هاڻي جڏهن
زمبابوي کانپوءِ پاڪستان بنگلاديش خلاف سيريز پرامن ڪرائڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو آهي ته آسٽريليا سميت سمورين انٽرنيشنل ٽيمن کي
پاڪستان ۾ کيڏڻ بابت پنهنجن تحفظاتن تي غور ڪرڻ گهرجي. ان
سيريز سان واضح ٿي ويو آهي ته پاڪستان راندين جي حوالي سان
پرامن ملڪ آهي ۽ دهشتگردن جي رانديگرن سان ڪا دشمني نه آهي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيم وچ ۾ سڀاڻي ڇنڇر تي ٿيندڙ آخري مئچ
بعد آچر تي هڪ ٽوئنٽي -20 مئچ به کيڏي ويندي. ڇنڇر تي ٿيندڙ
مئچ لاءِ پاڪستان جي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾
تجربيڪار بئٽسمين يونس خان کي به شامل ڪيو ويو
آهي.
يونس خان آءِ سي سي پاران پڇا ڳاڇا ڪرڻ کانپوءِ بورڊ کان ان
ڪري ناراض ٿي سيريز جون 2 مئچون نه کيڏيون هيون جو ان پڇا ڳاڇا
بابت بورڊ کيس آگاهه نه ڪيو هو. يونس خان کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ
بعد سهيل خان کي واپس ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو آهي. سڀاڻي ٿيندڙ
مئچ لاءِ ٽيمون ڪراچي پهچي ويون ۽ مئچ بابت انتظامن کي به حتمي
شڪل ڏني وئي آهي. بنگلاديش خلاف سيريز سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ
کي مالي فائدو ٿيڻ بدران نقصان ٿيو آهي پر اهو فائدو ضرور ٿيو
آهي ته هاڻي ڪنهن به ٽيم وٽ پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪرڻ جو
آپشن نه بچندو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن ۾ ٿيل 4 مئچن ۾
پاڪستان جي ٽيم هر شعبي ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي آئوٽ ڪلاس ڪري
ڇڏيو. اوپننگ، فيلڊنگ بيٽنگ کان وٺي بالنگ تائين پاڪستاني ٽيم
شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. پاڪستاني ٽيم وٽ مضبوط
بالنگ اٽيڪ نه هجڻ باوجود بنگلاديش بئٽسمين پاڪستاني بالرن کي
ڪٽڪو ڏئي نه سگهيا، اربع تي ٿيل چوٿين مئچ ۾ ثاقب الحسن شاندار
بئٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينچري ٺاهي ويو هو پر سندس سينچري
پاڪستاني ٽيم کي 7 وڪيٽن تان آساني سان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ رڪاوٽ
نه بڻي. هلندڙ سيريز پاڪستاني اوپنرز سلمان بٽ لاءِ شاندار
رهي ۽ امڪان آهي ته ان کي ئي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويندو،
ڇو ته سلمان بٽ شاندار راند جو مظاهرو ڪندي هڪ سينچري ۽ 2
ففٽين جي مدد سان سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ 315 رنسون ٺاهيون آهن.
ثاقب الحسن به هڪ سينچري ۽ هڪ ففٽي جي مدد سان 187 رنسون ٺاهي
نمايان آهي. محمد يوسف به هڪ سينچري جي مدد سان 179 رنسون
ٺاهيون آهن. تميم اقبال 138، ڪامران اڪمل 136 ۽ شعيب ملڪ 122
رنسون ٺاهي چڪا آهن، شاهد آفريدي سيريز جي 4 مئچن ۾ 2 اننگز
کيڏي سگهيو آهي، جن ۾ هن ٽوٽل 40 رنسون ٺاهيون آهن پر بالنگ ۾
شاهد آفريدي 9 وڪيٽون وٺي سڀ کان اڳيان آهي. سهيل تنوير 6
وڪيٽون وٺي ٻئي نمبر تي آهي، رائو افتخار انجم ۽ ثاقب الحسن
5-5 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته عمر گل، فرحاد رضا ۽ مشرفي
مرتضيٰ کي 4-4 وڪيٽون نصيب ٿيون آهن. |