اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

بدين ضلعي ۾ نئين ڦٽي مارڪيٽ ۾ اچي وئي،اگهه 16 سئو رپيا مقرر،پاڻي کوٽ سبب پيداوار متاثر

پنگريو(ن ڪ) پنگريو سميت بدين ضلعي جي مختلف شهرن ٽنڊوباگو، بدين، شادي لارج، کوسڪي، ملڪاڻي ۽ خليفي قاسم جي زرعي مارڪيٽن ۾ ڦٽي جو نئون فصل پهچي ويو آهي، پهريون فصل پهچڻ ڪري ڦٽي جو في مڻ 1600 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب جي واپارين ضلعي جي مختلف شهرن ۾ خريداري مرڪز به کولي ڇڏيا آهن، ٻئي طرف پاڻي جي سنڌ ۾ هلندڙ کوٽ سبب هن سال ڦٽي جو فصل گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ لهڻ جو خدشو آهي، ان سلسلي ۾ مقامي آبادگارن گلڻ شاهه، محمد يار، عبدالرشيد، محمد عباس، اڪبر علي ۽ ٻِين ٻڌايوته ڦٽي جو في مڻ اگهه ڪپهه جي اگهه کان گهڻو گهٽ آهي، هنن چيو ته مارڪيٽ ۾ ڪپهه جو في مڻ اگهه 4200 رپين کان مٿي آهي، هنن الزام هڻندي چيو ته واپاري زرعي جنسن جا اگهه صحيح ۽ مناسب نٿا ڏين، آبادگارن موجب جڏهن کين ڦٽي جا اگهه صحيح ملي رهيا هئا ته هنن ٻيا فصل ڇڏي ڦٽي پوکڻ شروع ڪئي پر جڏهن زرعي جنسن جا اگهه مناسب نه پيا ملن ته ايندڙ سال ڦٽي جي فصل جي پوکائي تمام گهٽ ٿيندي، ڇاڪاڻ ته آبادگار ڀاڻ،  کيڙي ۽ زرعي دوائن جي مهانگي ٿيڻ ڪري توڙي پاڻي جي کوٽ سبب هن فصل جي پوکائي کان لنوائيندو.