اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
سنڌڙي تعلقي ۾ اٽو 32 رپيا ڪلو وڪامڻ لڳو:عوام پريشان سنڌڙي(ن ڪ) سنڌڙي تعلقي جي شهرن هنڱورنو، سنڌڙي، ٻارهون ميل، ڦلهڏيون ۽ ٻين شهرن ۾ چڪي مالڪن کي خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي ڪوٽا ملڻ باوجود اٽو 24 رپين بدران 32 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، شهرين دانهن ڪئي آهي ته مهانگو اٽو وڪامڻ ڪري غريب ماڻهو پريشان آهن، ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي موجب چڪين کي ڪڻڪ جي ڪوٽا ڏني پئي وڃي ۽ اٽي جو وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي ڪوٽا اڻپوري ملي ٿي، جنهن ڪري بازار مان مهانگي ڪڻڪ خريد ڪرڻي پوي ٿي، خوراڪ کاتو پوري ڪڻڪ ڏيندو ته اٽو گهٽ اگهه تي وڪڻنداسين.
|