اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
||||
|
کنڊ جي ڪلو تي 2 رپيا لاٿ ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي 100 ڪلو گرام واري ٻوري جي قيمت 200 رپيا ڪمي کانپوءِ 31 سئو رپيا ٿي وئي، هول سيل گروسز الائنس جي ايڊوائيزر فاروق ميمڻ نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته گڊز ٽرانسپورٽ جي هڙتال ختم ٿيڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ وڏي مقدار ۾ کنڊ اچي وئي آهي، جنهن سبب هول سيل مارڪيٽ ۾ 100 ڪلو گرام واري ٻوري 200 رپين جي رڪارڊ لاٿ کانپوءِ 31 سئو رپيا ٿي وئي آهي، هن لاٿ کانپوءِ رٽيل جي سطح تي به کنڊ جي في ڪلو گرام قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ٿي آهي ۽ کنڊ 35 رپين مان 33 رپيا في ڪلو گرام ٿي وئي آهي.
|
||||
|
||||