ڪراچي جي پهرين ايڊمنسٽريٽر جو فرزند سليم رضا اسٽيٽ بئنڪ جو نئون گورنر مقرر

ڪراچي(بيورو رپورٽ)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سنڌ سان تعلق رکندڙ پهرين عورت گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر 3 سالن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،جنهن جي اعلان کان اڳ ئي وفاقي سرڪار ملڪ جي  باني قائد اعظم محمد علي جناح جي لاڏاڻي وقت ڪراچي ۾ مقرر ٿيل پهرين ايڊمنسٽريٽر سيد هاشم رضا جي فرزند ۽ سٽي بئنڪ لاءِ لنڊن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ناليواري  بئنڪر سليم رضا کي اسٽيٽ بئنڪ جو نئون گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 2 جنوري کان چارج سنڀاليندو،ڪاوش پاران ورتل ڄاڻ موجب اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر پنهنجي 3سالن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ پهرين جنوري 2009ع کان گورنري جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان موجب ڊاڪٽر شمشاد اختر 2 جنوري 2006ع کان گورنر جي عهدي تي ڪم شروع ڪيو هو، جنهن جو مدو پهرين جنوري 2009ع  ۾ پورو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ڪري هن اڳواٽ اهڙو اعلان نه ڪيو، ڇو ته هو پنهنجي عهدي جي مدي ۾ واڌ نه ٿي چاهي، تنهن ڪري ان عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيوآهي، هوڏانهن وفاقي سرڪار لنڊن ۾ آمريڪي سٽي بئنڪ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ناليواري بئنڪر سليم رضا کي اسٽيٽ بئنڪ جو نئون گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعن موجب ناڻي واري وفاقي وزارت جي سفارش تي صدر آصف علي زرداري اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي مقرر ڪيو آهي، جنهن بابت وزيراعظم سان مشورو پڻ ڪيو ويو، ڇوته اسٽيِٽ بئنڪ جي گورنر جي مقرري صدر مملڪت ئي ناڻي وزارت جي سفارش تي ڪندو آهي، ذريعن موجب وفاقي حڪومت نئين گورنر جي مقرري جو اعلان ڊاڪٽر شمشاد اختر جي عهدي ڇڏڻ کان اڳ ئي ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سليم رضا جو والد سيد هاشم رضا ڪراچي جو پهريون ايڊمنسٽريٽر هو، جنهن جي ايڊمنسٽريٽر هجڻ واري دور ۾ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو، ان کانسواءِ هو مختلف سول عهدن تي پڻ رهيو، جيڪو اسلام آباد ۾ 30 سيپٽمبر 2003ع دوران  92 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جڏهن ته نئين مقرر ٿيل گورنر جو ڀاءُ سيد علي رضا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو صدر آهي، ذميوار ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ جو نئون مقرر ٿيل گورنر سليم رضا 2003ع دوران سٽي بئنڪ لنڊن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته هو ملڪ جي ناليواري بئنڪرز ۾ شامل ٿئي ٿو، ذريعن موجب عهدو ڇڏيندڙ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر 2 جنوري تي چارج نئين گورنر حوالي ڪري بئنڪ کي الوداع ڪندي. ٻئي طرف  اسٽيٽ بئنڪ جي نئين مقرر ڪيل گورنر سليم رضا ڪالهه وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اطمينان جو اظهار ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو نئون گورنر پنهنجي وسيع  تجربي جي بنياد تي ملڪ کي درپيش اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو، وزيراعظم چيو ته حڪومت انفرااسٽڪچر جي ترقي ۽ معاشي موقعا  فراهم ڪرڻ ذريعي عوامي معاشي ڀلائي واري عزم تي قائم آهي.