اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه زنده رهندو:صدر آصف

 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ صدر آصف علي زرداري چيو  آهي ته ظالماڻي اسٽيٽسڪو کي ٽوڙي مٿين طبقي کان اقتدار کسي عوام جي هٿن ۾ ڏيڻ سبب  شهيد ذوالفقار ڀٽو پاڪستان جو ليجنڊ بڻجي ويو، تنهن ڪري ملڪي سياست اڄ به سندس نالي تي گردش ڪري ٿي، شهيد ذوالفقار ڀٽو جي 81هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ڀٽو اهم شخص هو، جنهن قومي سياست تي 4 ڏهاڪا راڄ ڪيو، شهيد ڀٽو دلير اڳواڻ هو، جيڪو ڊڪٽيٽرشپ کي تسليم ڪرڻ بجاءِ پنهنجي قوت تي هليو، جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه زنده رهندو، هوڏانهن وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي مظلوم ۽ پيڙهيل عوام کي شعور ڏنو ۽ سندس جنم ڏينهن  کي هميشه تاريخي ڏينهن طور ياد رکيو ويندو.