|
11 سالن تائين فوجي حڪمرانن جي
هنج ۾ ويهي پلجندڙ طعنا نه ڏين:شجاعت
اسلام
آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ق) جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم
چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ اتحاد سٺي ڳالهه
آهي پر اهو ڏسڻو آهي ته اتحاد ڪهڙن مقصدن لاءِ ٺهي ٿو، اتحاد
اگر پاڪستان جي سالميت، ملڪ مان لاقانونيت، غربت، مهانگائي،
لوڊشيڊنگ ۽ غير ملڪي جارحيت خلاف ڪيو وڃي ٿو، مسلم ليگ (ق)
سڀني پارٽين سان ملي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر اهو اتحاد پنهنجي
پنجاب حڪومت بچائڻ يا حڪومت جي دبئي ۽ لنڊن ۾ نواز شريف سان
ڪيل واعدن جي تڪميل لاءِ آهي ته اهي جتي آهن اتي خوش رهن، اهڙو
اظهار ڪالهه هن پنهنجي جاري بيان ۾ ڪيو، جنهن ۾ چوڌري شجاعت
حسين وڌيڪ چيو آهي ته بار بار نون سالن تائين فوج جو ساٿ ڏيڻ
جا طعنا ڏيڻ وارا هاڻي ڇو وساري ويٺا آهن ته اهي ته 11 سالن
تائين فوجي حڪمرانن جي جهولي ۾ ويهي فيڊر مان کير پي پليا آهن،
انهي دور ۾ ته سياسي ڪارڪنن کي ڪوڙا به لڳندا رهيا آهن جيڪي
پرويز مشرف جي دور ۾ نه لڳا آهن،
|