|
(ق) ۽ (ن) ليگ اتحاد جي راهه ۾
نواز شريف وڏي رنڊڪ آهي:شيخ رشيد
اسلام
آباد (ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ
رشيد چيو آهي ته ليگ جي ٻنهي ڌڙن وچ ۾ انضمام جو في الحال ڪو
به امڪان نظر نه ٿو اچي ۽ ان جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ نواز شريف آهي،
ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڪجهه ماڻهو
ٻنهي ڌڙن کي گڏائڻ لاءِ ڪجهه مهينن کان ڪوششون ڪري رهيا آهن،
هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال وڏيون تبديليون اچي سگهن ٿيون، جنهن
۾ اهم سياسي تبديليون پڻ شامل هونديون، صدر آصف علي زرداري سان
ملاقات جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته ملاقات دوران هن ڪنهن به
راءِ جو اظهار ناهي ڪيو ۽ هن رڳو صدر جا خيال ٻڌا، ان کان اڳ
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته وچ مدي جون
چونڊون ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏينديون، هاڻي اهو وقت ناهي جو مرڪز
صوبن کي يا صوبو مرڪز کي کائي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي
ٻنهي اهم پارٽين کي دانشمندي جو ثبوت ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن ٻنهي
پارٽين پ پ ۽ (ن) ليگ تاريخ مان سبق حاصل نه ڪيو ۽ اختلاف جاري
رکيا ته ٻئي ڌريون ڪنهن کڏ ۾ ڪرنديون، ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عاشورن کانپوءِ (ق) ليگ ۽ (ن) ليگ وچ ۾
انضمام جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي.
|