اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

خيبر  ايجنسي ۽ سوات ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا مارجي ويا،2 اهلڪار شهيد،هنگو ۾ 8 سرڪاري عملدار اغوا،طالبان سمورا ٺاهه ختم ڪري ڇڏيا

پشاور(رپورٽ: غلام رسول ڪنڀر) قبائلي علائقي خيبر ايجنسي ۾ ويڙهاڪن خلاف آپريشن جاري آهي،  مذهبي تنظيمن جا 4 مرڪز، ايف ايم ريڊيو اسٽيشن ۽ هڪ خانگي جيل تباهه، 20 قيدي بازياب ڪرايا ويا،  سوات ۾  بم حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد، هنگو ۾ واٽر مئنيجمينٽ  جي ضلعي آفيسر سوڌو  8 سرڪاري عملدار اغوا، ويڙهه ۾  17 ڄڻا مارجي ويا. خيبر ايجنسي جي تعلقي باڙا جي ملڪ دين خان، مامارا، ڪلمه خيل ۽ اڪا خيل  ۾ ڪالهه به فورسز جي ڪارروائي جاري رهي،  فورسز شلوبر واري  علائقي ۾  واقع انصار الاسلام جي مرڪزي آفيس کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو، فورسز لشڪر  اسلام جي ٺڪاڻن کي به  نشانو بڻايو ۽ انهن جي ايف ايم ريڊيو اسٽيشن ۽ خانگي جيلن کي تباهه ڪري ڇڏيو، پوليٽيڪل انتظاميا  موجب لشڪر اسلام جي خانگي جيل مان  20 ڄڻن کي بازياب ڪرايو  ويو آهي. جڏهن ته لشڪر اسلام جي ڪمانڊر مصري خان جو گهر تباهه ٿي ويو آهي، 20 گاڏين تي مشتمل  ايف سي جا  2 وڌيڪ جٿا باڙا پهچي ويا آهن. باڙا ۾ ڪالهه ڪجهه وقت لاءِ ڪرفيو ۾ نرمي رهي، جنهن سبب باڙا بازار ڪجهه ڪلاڪن لاءِ کلي وئي، وادي تيراه ۾ لشڪر  اسلام ۽ انصار الاسلام تنظيمن جي هٿياربندن وچ ۾ ڪالهه به فائرنگ جي نتيجي۾  وڌيڪ 15 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هوڏانهن سوات جي ندر  نوچم واري علائقي ۾ واقع اونيال  چيڪ پوسٽ وٽ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي رمورٽ  ڪنٽرول بم حملي جي نتيجي ۾  2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جنهن بعد علائقي ۾ ڪرفيو لڳايو ويو،ٻئي پاسي سوات جي پوڙا واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، خيبر ايجنسي جي باڙا واري علائقي ۾  منگل باغ  جي سئوٽ قسمت خان صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته فورسز جي آپريشن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اهو  پرڏيهي اشارن تي شروع ڪيو ويو آهي. هنگو  ۾ واٽر مئنيجمينٽ جي ڊسٽرڪٽ آفيسر سميت 8 ملازمن کي  اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪري ورتو آهي، واٽر مئنيجمينٽ جو عملو هڪ گاڏيءَ ۾ سوار ٿي دوآبا ڏانهن وڃي رهيو هو ته کين اغوا ڪيو ويو،اغوا ٿيلن ۾ واٽر مئنيجمينٽ جو ڊسٽرڪٽ آفيسر مسعود الرحمان، ڪنسلٽنٽ عبدالقادر، سب انجنيئر عبداللطيف، قيصر، شاڪر، عبدالعليم ۽ اڪبر جان شامل آهن. پوليس واقعي جي تصديق ڪئي آهي.اهي به اطلاع آهن ته  اغوا جي ذميواري طالبان قبولي ورتي آهي. مينگوره شهر جي وچ ۾ واقع هڪ مارڪيٽ پويان ويڙهاڪن جي هٿيارن جو گدام واقع هو، جنهن ۾ اوچتو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ گدام ڀرسان  واقع خالي پيل   54 دڪان تباهه ٿي ويا،  گڏوگڏ شربت جي هڪ فيڪٽري کي  به نقصان رسيو، مينگوره پوليس واقعي بعد گدام مان 3 آپگهاتي جيڪيٽ، وڏي تعداد ۾ ڪلاشنڪوف ۽ مارٽر گولا هٿ ڪري ورتا، ايس پي سٽي مينگوره موجب ويڙهاڪن جا هٿيار  هٿ ڪيا ويا آهن. هوڏانهن تحريڪ طالبان پاڪستان خيبر ايجنسي ۾  هلندڙ آپريشن جي رد عمل ۾ حڪومت سان ڪيل سمورا ٺاهه ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي جوابي ڪاررواين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اهڙو  فيصلو ڏکڻ وزيرستان ۾ طالبان جي مجلس شوريٰ جي اجلاس۾ ڪيو ويو آهي، طالبان تحريڪ جي ترجمان مولوي عمر اڻڄاتل هنڌان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته طالبان ۽ حڪومت   وچ  ۾ ٿيل ٺاهه  ۾ اهو نقطو شامل هو ته حڪومت طالبان ويڙهاڪن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪندي، حڪومت خيبر ايجنسي ۾ آپريشن شروع ڪري اهڙن معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ان ڪري حڪومت سان هلندڙ   ڳالهيون ۽ معاهدا ختم ڪري رهيا آهيون، هاڻ حڪومت خلاف جوابي ڪارروايون ڪيون وينديون. هن چيو ته حڪومت جي رد عمل جو اسين هفتي تائين انتظار ڪنداسين ۽ ان باوجود ڪا موٽ نه ملي ته ڀرپور حملا ڪنداسين، هاڻي اسان جا حملا صرف  قبائلي علائقن تائين محدود نه رهندا پر پاڪستان جي ٻين  علائقن ۾ به  حملا ڪري سگهجن ٿا.واضح  رهي ته طالبان ۽ حڪومت وچ ۾ 3 معاهدا سوات، دره آدم خيل ۽ مهمند ايجنسي ٿيل آهن،جيڪي ختم ڪيا ويا آهن،هوڏانهن تحريڪ طالبان سوات جي اڳواڻ مسلم  خان به هڪ بيان جاري ڪري سرحد حڪومت سان ٿيل امن ٺاهه ختم ڪرڻ  جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته طالبان تحريڪ پاڪستان جي سربراهه بيت الله محسود جي هر فيصلي تي عمل ڪيو ويندو، ٻئي طرف ڪوهاٽ جي دره آدم خيل جي  طالبان ويڙهاڪن پڻ سرڪار سان ٿيل امن معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڄاڻايو آهي ته وفاقي سرڪار امن بحال ڪرائڻ  ۾ مخلص  ناهي. لشڪر اسلام جي ترجمان  انار جان چيو آهي ته خيبر ايجنسيءَ ۾  سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪا به مزاحمت نه ڪنداسين، اتي ٿيندڙ ڪارروائي جي  ڪا به ضرورت ناهي.ٻئي پاسي خانگي ٽي وي چئنل موجب خيبر ايجنسي ۾ آپريشن دوران سرڪاري ملازمن کي اغوا ڪندڙ گروپ جي  4 مک جوابدارن  کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  ڄاڻايل جوابدارن وٽان ڀنگ جون پرچيون به مليون آهن ،جن جو تعداد 15 کان  20  آهي، ٻئي پاسي خانگي ٽي وي چينل موجب فاٽا سيڪريٽريٽ جي سفارش تي وفاقي گهرو وزارت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي امن امان ۾ خلل وجهڻ جو سبب ڄاڻائيندي مذهبي تنظيم لشڪرالسلام، انصار السلام ۽ حاجي نامدار گروپ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.