متحده سان ڳالهيون نه ڪنداسين، (ق)ليگ پنهنجي اميدوار کي هٿ کڻائي سعيد الزمان جي حمايت ڪري:نواز شريف

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو  آهي ته اتحاد ۾ هجون  ها ته  فوج کي  سياست کان  پري رهڻ جي پڪ ڏيان ها،  هاڻي اهو دارو  مدار زرداري ۽ سندس حڪومت تي آهي،  فوجي  مداخلت روڪڻ لاءِ هٽايل ججن جي بحالي جي  ڳالهه  ڪئي هئي ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون نه ڪنداسين  نه ئي ساڻن رابطو ڪيو آهي،  (ق) ليگ سان  غير رسمي  رابطا ٿيا آهن،  باضابطا ڳالهيون  ناهن  ٿيون،  (ق) ليگ  پنهنجي اميدوار کي هٿ کڻائي ته  سٺي ڳالهه هوندي، اهڙو اظهار خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ ڪيو،  هن چيو ته  آصف مون کي وزير اعظم ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئي، مڃان  ها ته  انڪار نه ڪري ها،  معاهدن تي  عمل ٿئي ها ته 10 ڏينهن اندر ججن سميت  مک  مسئلا حل ٿي وڃن ۽ ميثاق  جمهوريت کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪريون ها ته ڪير به  مخالفت نه ڪري ها، مون کي 8 ترميم ختم ڪرڻ جو ٺهراءَ منظور ڪرائڻ ۾ 10 منٽ لڳا هئا، هن چيو ته هاڻي اتحاد کان الڳ ٿي واندا ٿيا آهيون،  مک اشوز تي پوئتي نه هٽنداسين، پ پ سان ڪٽي ناهي ڪئي، سٺن ڪمن ۾ گڏ هونداسين، هن چيو ته هينئر  به  جج وري بنا ترميم جي بحال  ڪيا  پيا وڃن،  ائين لڳي ٿو ته 18 فيبروري کان اڳ  وارو نظام برقرار آهي، ڪو به ڪم سڌو ناهي ٿيو،  اڳوڻي حڪومت  جي پاليسي کي  اڳتي وڌايو پيو وڃي، هن چيو ته معاهدي جي ڀڃڪري  تي اي اين پي ۽ جي يو آءِ کي به زرداري سان شڪايت ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته صدارتي  اميدوار اتفاق سان آڻڻو هو، وسيم سجاد اسٽيبلشمينٽ جو  ماڻهو  آهي، آصف خلاف اخباري رپورٽون پڙهيون  آهن، هن سان  سٺا ڏينهن  گذريا آهن، سندس  خلاف ڳالهائن تي شرم اچي ٿو، اسان جو  اميدوار ڪنهن کان به گهٽ  ناهي، هو ۽ اسان ڀرپور ڪاميابي لاءِ ڪوششون ڪريون  پيا، هن چيو ته (ق) ليگ سعيد الزمان جي حق ۾ هٿ کڻي حمايت ڪري ته سٺي ڳالهه آهي، ساڻن  باضابطا  ڳالهيون ناهن ٿيون، هن چيو ته  فوجي مداخلت روڪڻ لاءِ هٽايل ججن جي بحالي جي ڳالهه ڪئي، فوج کي هميشه لاءِ سياست کان پري رکڻ لاءِ قانون ۽ آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي خودمختياري کي بحال ڪرڻ ۽ بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، اسان کي نااهل قرار ڏئي پنجاب حڪومت ختم ڪري پاڪستان جي 17 ڪروڙ عوام جا جذبا چٿيا ويندا، اسان  لاءِ گذريل 8 سال به وڌيڪ خراب هئا، سڀ اسان خلاف هئا،  ان لاءِ جدوجهد جو جذبو ئي آهي جيڪو  وڏا جبل به پار ڪري ويندو آهي، هن چيو ته  اسان اتحاد ۾ هجون  ها ته  فوج کي سياست کان پري رهڻ جي پڪ ڏيان ها هاڻي آصف زرداري ۽ سندس حڪومت تي دارومدار آهي پر  مخالف ڌر  جي حيثيت  ۾ سٺي حڪمراني لاءِ  انهن کي رستي  تي آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هن چيو ته  بلوچستان ۾ 5 عورتن  کي زندهه دفنائڻ جو  حڪومت نوٽيس وٺي، (ن) ليگ ان عمل خلاف آواز اٿاريندي.