|
وقت اچي ويو آهي ته قوم پنهنجي قسمت جا
فيصلا پاڻ ڪري:وزيراعظم
اسلام
آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان
جي ترقي لاءِ بلوچستان جي وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي
کي 6 ارب رپين جو چيڪ حوالي ڪندي صوبي لاءِ اربين رپين جي
ترقياتي پروگرام جو اعلان ڪيو آهي، وزير اعظم چيو آهي ته وقت
اچي ويو آهي ته قوم پنهنجي قسمت جا پاڻ فيصلا ڪري، عوام تبديلي
جو ووٽ ڏنو آهي، 1973ع واري آئين کي روح مطابق بحال ڪري 17 هين
آئيني ترميم ذريعي اختيارن جي توازن ۾ پيدا ڪيل بگاڙ کي درست
ڪيو ويندو، حڪومت ڪنهن فرد خلاف ناهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار
بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جي سربراهي ۾ صوبائي
ڪابينا جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو آهي، وزير اعظم سيد يوسف
رضا گيلاني چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته قوم پنهنجي قسمت
جو پاڻ فيصلو ڪري، ڇو ته عوام فيبروري جي چونڊن ۾ تبديلي جو
ووٽ ڏنو، هن چيو ته اسان جو مقصد صوبن کي مضبوط ڪرڻ آهي، ڇو
ته صوبا عوام جي نمائندگي ڪن ٿا، جن تبديلي جو ووٽ ڏنو، هن
چيو ته قائد اعظم، قائد عوام ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب ملڪ
۾ پارلياماني جمهوري نظام قائم ڪرڻ هو، جنهن جي تعبير لاءِ
پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو ويندو، وزير اعظم چيو ته اسان
ڪنهن فرد جي خلاف ناهيون پر 1973ع واري آئين کي اصل روح
مطابق بحال ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 91
تحت انتظاميا قومي اسيمبلي آڏو جوابده آهي، اسان اهڙو ڪو
ادارو نه ٿا چاهيون جيڪو ڪنهن آڏو به جوابده نه هجي، هن چيو
ته 17 هين آئيني ترميم اختيارين جو توازن کي بگاڙي ڇڏيو آهي،
جنهن جي درستگي جي ضرورت آهي، وزير اعظم چيو ته احتساب جو
طريقيڪار موجود آهي پر اسان احتساب ۽ انتقام ۾ فرق پيدا ڪرڻ
چاهيون ٿا، هن چيو ته اسان امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪري
معيشت کي مضبوط ڪنداسين، تشدد جو هر واقعو معيشت کي متاثر
ڪري ٿو، جنهن سبب سيڙپڪاري ملڪ مان ٻاهر منتقل ٿي رهي
آهي، ان موقعي تي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جون 2008ع ۾
ڪيل اعلان مطابق بلوچستان جي وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي
کي صوبي جي ترقي ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ 6 ارب رپين جو چيڪ
حوالي ڪيو، ان موقعي تي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني 68
ڪروڙ رپين جي لاڳت سان سراب ۽ نوشڪي کي گئس فراهمي، دالبدين
هيڊ ڪوارٽر کي بجلي جي فراهمي لاءِ 64 ڪروڙ، ڪوئيٽا ۾ گهٽ
قيمت جا 100 گهر تعمير ڪرڻ، ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 ڪروڙ ۽
صوبي جي ترقياتي منصوبن لاءِ پي ايس ڊي پي مان 42 ارب فراهم
ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، وزير اعظم اچ پاور پلانٽ مان 43 ڪروڙ
رپين جي لاڳت سان ڊيرا مراد جمالي ضلعي هيڊ ڪوارٽر کي بجلي
جي فراهمي، بلوچستان جي 111 بنيادي صحت مرڪزن کي بجلي جي
فراهمي ۽ ليڊي هليٿ ورڪرن جو انگ ٻيڻ تي وڌائڻ جو اعلان
ڪندي بلوچستان حڪومت کي زرعي ٽيوب ويل تي بجلي جي مد ۾ سبسڊي
ختم نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، وزير اعظم سان بلوچستان
ڪابينا جي ملاقات ڪندڙ وفد ۾ صوبائي اسپيڪر اسلم ڀوتاڻي سان گڏ
ڪابينا جا ميمبر شامل هئا.
|