|
سوات ۽ باجوڙ ۾ فورسز جي ڪارروائي،القاعده جا 2 ڪمانڊر ۽ 10 ويڙهاڪ مارجي ويا پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوات ۾ القاعده جا 2 ڪمانڊر فورسز جي ڪارروائي ۾ مارجي ويا آهن، باجوڙ ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ 10 ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ 10 طالبان گرفتار ڪيا ويا آهن، سوات ۾ فورسز جي ڪارروائي ۾ القاعده جا 2 ڪمانڊر ايوب ۽ عامر زيب مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب فورسز مٽا تعلقي جي علائقي سمٿ ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ 2 انتهاپسندن جا ٺڪاڻا به ساڙيا ويا آهن، برا بانڊي ۾ نامعلوم ماڻهن نجي بئنڪ ۾ ڌاڙي بعد ان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، سوات ۾ فورسز جي گاڏي تي رموٽ حملو ڪيو ويو، جنهن جي وڪڙ ۾ اچي عورت سميت 3 ماڻهو مارجي ويا، باجوڙ ۾ فورسز ۽ مقامي طالبان ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ 6 ويڙهاڪ مارجي ويا، علي خيل قبيلي طالبان مخالفت لشڪر قائم ڪيو آهي، جنهن بعد طالبان جي واپسي شروع ٿي وئي آهي، باجوڙ ۾ ايف سي لباس پاتل 6 ويڙهاڪ مقابلي ۾ مارجي ويا، سوات۾ علي رحمان، مولوي سعيد، شاهه فرمان، ذاڪر شاهه ۽ جان محمد سميت 10 ويڙهاڪ گرفتار ڪيا ويا آهن، جنهن جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان سان ٻڌايو ويو آهي، هوڏانهن افغان مهاجرن کي باجوڙ جو علائقو ڇڏڻ لاءِ ڏنل ڊيڊ لائين ڪالهه ختم ٿي وئي آهي، جڏهن ته علائقي مان وڏي تعداد ۾ افغان مهاجر واپس افغانستان وڃي رهيا آهن.
|