اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ڪابينا فيصلي ۾ اهو به منظور ڪيو ويو هو ته ضرورت تحت ڪنهن عملدار جون وقتي طور خدمتون حاصل ڪري سگهبيون:وڏي وزير جو ترجمان

ڪراچي(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي پريس ترجمان ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيل ان خبر جي وضاحت ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ڪابينا جو 29 اپريل 2008ع وارو فيصلو نظرانداز ڪندي ڪيترائي جونيئر آفيسر او پي ايس تحت مٿئين پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن واضح ڪندي چيو ته سنڌ ڪابينا مذڪوره فيصلي ۾ اهو به منظور ڪيو هو ته حڪومت جتي ضرورت هجي اتي ڪنهن به ايماندار ۽ محنتي عملدار جي وقتي طور تي خدمتون ان فيصلي جي پوئواري ۾ نرمي تحت حاصل ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته هر قانون ۾ ضرورت پٽاندڙ ڪجهه ڳالهين جي رعايت ۽ اختيار جي گنجائش پڻ هوندي آهي. ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته هونئن به قانون موجب اهو وڏي وزير جو استحقاق پڻ آهي ته هو صوبي جي انتظامي معاملن جي مفادن مطابق ڪوبه مناسب فيصلو يا قدم کڻي سگهي ٿو، جنهن سان صوبي جي ڀلائي ٿيندي هجي پر سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪنهن سان به ڪا ناانصافي نه ڪئي آهي.