اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
ججن جي بحالي سميت تڪراري معاملا اتحادين سان گڏجي حل ڪنداسين:منظور وٽو قصور (اي پي پي) پنجاب جي اڳوڻي وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت صلاحڪار ميان منظور احمد وٽو چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعاتن جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن تي تمام جلد ضابطو آندو ويندو ۽ مسلم ليگ (ن) سان پڻ ججن سميت سمورا معاملا حل ڪري وٺبا. هن چيو ته پ پ جي حڪومت شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ تمام جلد عوام کي رليف ڏيندڙ وڏا منصوبا شروع ڪيا ويندا، هن چيو ته ججن جي بحالي سميت سمورا تڪراري معاملا اسين پنهنجن اتحادين سان گڏجي حل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته (ق) ليگ غلط فهمي ۾ نه رهي اسان اتحادين ۾ مڪمل اتفاق آهي ۽ اسين ملڪ کي سٺي نموني هلائڻ جي صلاحيت رکون ٿا.
|