ڪراچي (بيورو رپورٽ)

سڄي سنڌ ۾ روزانه ”ڪاوش“ جي 18هين سالگرهه ملهائي وئي

ڪراچي/حيدرآباد (بيورو رپورٽ/اسٽاف رپورٽر) سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏيندڙ اخبار روزانه ”ڪاوش“ جي 18هين سالگرهه ڪالهه سنڌ جي مختلف شهرن جيان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به ملهائي وئي، ڪراچي ۾ مک تقريب ڪي ٽي اين آفيس ۾ ملهائي وئي، جتي روزانو ”ڪاوش“ جي چيف ايڊيٽر اسلم اڪبر قاضي ۽ محمد اطهر قاضي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو، ان تقريب ۾ ڪي ٽي اين جي پروگرام مئنيجر نور جوکيو، ڪي ٽي اين نيوز جي نيوز ڊائريڪٽر اشفاق آذر، ڪشش ميوزڪ جي پروگرام مئنيجر تنوير شيخ ۽ ڪشش، ڪي ٽي اين ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ٻئي طرف حيدرآباد ۾ روزانو ”ڪاوش“ جي 18هين سالگرهه جي مک تقريب ”ڪاوش“ هيڊ آفيس ۾ ملهائي وئي، تقريب ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ”ڪاوش“ جي نيوز ايڊيٽر نياز پنهور، اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر محمد يعقوب سومرو ۽ سينيئر سب ايڊيٽر سترام مهيشوري ڪيڪ ڪاٽيو، تقريب ۾ سول ايجنٽ سيد مشتاق شاهه، ”ڪاوش“ ايڊيٽوريل پيج جي انچارج منظور ميراڻي، سيد محسن شاهه، عزيز سولنگي، روزانو ڪوشش جي نيوز ايڊيٽر فاروق سومرو ”ڪاوش“ جي جنرل مئنيجر اسماعيل ڀائي ”ڪاوش“ جي سب ايڊيٽرن رپورٽرن، ڪمپيوٽر آپريٽرن ۽ ٻئي اسٽاف وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪيڪ ڪٽڻ وقت سموري اسٽاف انتهائي خوشي ۾ هيپي برٿ ڊي ٽو ”ڪاوش“ رڌم جي انداز ۾ جهونگاريو، تقريب دير تائين جاري رهي، هوڏانهن اسلام آباد بيورو آفيس ۾ ”ڪاوش“ جي سالگرهه ملهائي وئي، هن موقعي تي ”ڪاوش“ جي بيورو چيف قربان بلوچ ”ڪاوش“ جي 18هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، جڏهن ته تقريب ۾ ”ڪاوش“ جو بيورو رپورٽر ايم بي سومرو، ڪي ٽي اين جي رپورٽر فيض کوسو، خيام مغل، ابراهيم سولنگي، اختر مهر، اصغر مهر، اياز لغاري، منير لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ”ڪاوش“ ۾ ڪم ڪندڙ سٿ جي دوستن پنهنجا ويچار ونڊيندي تجربا ۽ دلچسپ واقعا بيان ڪيا.