ڀارت پاڪستاني دريائن جو پاڻي روڪڻ وارو پلان ختم ڪري:واٽر ڪائونسل

لاهور (آن لائن) سنڌ طاس واٽر ڪائونسل جي چيئرمين ۽ عالمي پاڻي اسيمبلي جي ڪوآرڊينيٽر حافظ ظهورالحسن چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا کي بچائڻ لاءِ ڀارت پاڪستان جي دريائن کي پنهنجي حدن ۾ بند ڪرڻ جو پلان ختم ڪري، عالمي اڳواڻ ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان جي دريائن جو مسئلو حل ٿيندي نظر نه ٿو اچي، هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي جنگ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي، اڃ ۽ بک وچان مرڻ کان وڙهي مرڻ بهتر آهي، هن چيو ته موجوده صورتحال برقرار رهي ته زراعت ته ٺهيو پر پيئڻ لاءِ به پاڻي نه رهندو.