|
(مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن) |
|
آءِ ايس آءِ جي سياسي ونگ ختم ڪئي اٿئون،فوج حڪومت سان گڏ آهي:شاهه محمود قريشي ملتان (اين اين آءِ/آن لائن) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي وارو مسئلو جذباتي ٿي حل نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، آءِ ايس آءِ جو سياسي ڪردار (ونگ) ختم ڪيو ويو آهي، جيڪا جمهوري حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي، ڪالهه ملتان ايئرپورٽ تي اخبار وارن سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير راشد رئوف جي مارجڻ جي باري ۾ لاعلمي جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڃا تائين رڳو اخباري اطلاع آهن، انهي آمريڪي رپورٽ ته ”فوج ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهي ٿي“ بابت هن چيو ته اها ڳالهه ذميواري سان چئي رهيو آهيان ته پاڪستاني فوج ۽ جمهوري حڪومت ۾ مڪمل هم آهنگي آهي، فوج حڪومت سان گڏ آهي، آءِ ايس آءِ جي سياسي رول جي حوالي سان هن چيو ته آءِ ايس آءِ جي سياسي رول (پوليٽيڪل ونگ) کي ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي آءِ ايس آءِ جو ڪردار دهشتگردي جو خاتمو ۽ ٻين ملڪي معاملن ۾ معاونت هوندو، هن قوم کي مخاطب ٿيندي چيو ته آءِ ايس آءِ جو سياسي ڀڃ ڊاهه، حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڪيرائڻ وارو ماضي وارو ڪردار ختم ٿي ويو آهي، آمريڪي حملن جي متعلق هن چيو ته حڪومت گهڻن پاسن کان حالتن کي ڏسي رهي آهي، ڊاڪٽر عافيه بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڊاڪٽر عافيه کي پاڪستان جي حڪومت حوالي ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف بابت هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿي چڪيون آهن، اڄ 24 نومبر تي آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان لاءِ امدادي پيڪيج جي منظوري ڏيندو، ڀارت جي دوري بابت هن چيو ته چناب جي پاڻي جي روڪٿام ۽ ڪشمير مامري سوڌو مختلف اشوز تي ڳالهائيندس، هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته ڀارت سان ويزا پاليسي ۾ نرمي، ڪلچر، اسپورٽس، اديب ۽ دانشورن جي اچڻ وڃڻ ۾ رڪاوٽن جو خاتمو ٿئي، هوڏانهن آن لائن موجب پرڏيهي وزير چيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي لنڊن وڃڻ تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت ڪو شرط ناهي رکيو، ان ڏس ۾ صوبائي حڪومتون ئي وڌيڪ فيصلا ڪرڻ جون مجاز آهن. |