صدر مشرف اڄ ڪوئيٽا پهچندو

ڪوئيٽا(اين اين آءِ) صدر پرويز مشرف عام چونڊن کان پوءِ پهريون ڀيرو بلوچستان جي صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ سومر جو پنهنجي خصوصي جهاز ۾ اسلام آباد کان ڪوئيٽا پهچندو، ايئر پورٽ تي بلوچستان جو گورنر نواب ذوالفقار مگسي، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل خالد شميم، آءِ جي ايف سي بلوچستان ميجر جنرل سليم نواز، آءِ جي پوليس سعود گوهر، چيف سيڪريٽري بلوچستان ناصر محمود کوسه ۽ ٻيون فوجي ۽ سول اختياريون ان جو استقبال ڪنديون، بلوچستان جو گورنر نواب ذوالفقار مگسي صدر پرويز مشرف جي اعزاز ۾ گورنر هائوس ۾ مانجهاندو ڏيندو،