پ پ وزيرن استعيفائون ڏنيون ته پنجاب حڪومت قائم نه رهي سگهندي:وٽو

لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار ميان منظور وٽو چيو آهي ته پنجاب ۾ نواز ليگ وٽ سادي اڪثريت به ناهي، جيڪڏهن پ پ جي وزيرن استعيفائون ڏنيون ته وڏي وزير شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو، جنهن ۾ هو ڪامياب نه ٿي سگهندو ۽ حڪومت ڊهي پوندي، اسان پنجاب فتح ڪرڻ ناهيون آيا پر آصف علي زرداري لاءِ ووٽ گهرڻ لاءِ آيا آهيون، ڪالهه هتي پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري کي 450، سعيد الزمان صديقي کي 140 کان 150 ۽ مشاهد حسين کي 60 کان 70 ووٽ ملي سگهن ٿا، رزلٽ اچڻ تي سڀني کي خبر پئجي ويندي ته ڪنهن ڪيترا ووٽ حاصل ڪيا، پنجاب ۾ اتحاد ۾ رهڻ يا نه رهڻ جو فيصلو صدارتي چونڊ بعد ڪيو ويندو، هن جو چوڻ هو ته آصف زرداري کي پ پ، اي اين پي، جي يو آءِ، پ پ شيرپائو، ايم ڪيو ايم، آزاد ۽ فاٽا ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، جسٽس (ر) سعيد الزمان کي رڳو نواز ليگ جي حمايت حاصل آهي، هن چيو ته اڃا تائين نواز شريف ناهي چيو ته پ پ جا وزير پنجاب ڪابينا مان استعيفا ڏين، هن جيڪڏهن باضابطا طور تي چيو ته غور ڪنداسين.