اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
نگران سنڌ سرڪار طرفان ڪراچي شهري سرڪار کي 2 هزار 155 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو انڪشاف، الاٽمينٽ رد ڪراچي (رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) سنڌ ۾ صرف چونڊون ڪرائڻ لاءِ جوڙيل جسٽس (ر) عبدالقادر هاليپوٽي جي نگران سنڌ سرڪار ماٺ ميٺ ۾ ڪراچي شهري سرڪار کي 2 هزار هڪ سئو 55 ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي، جنهن جي الاٽمينٽ موجوده پ پ سنڌ سرڪار رد ڪري ڇڏي آهي، ڄاڻايل زمين ڪراچي شهري سرڪار کي 17 رٿائن لاءِ ڏني وئي هئي، نگران سنڌ سرڪار طرفان عام چونڊن کان به پوءِ 18مارچ 2008ع تي آرڊر نمبر 05/64/06/SO-II/192/08 تحت ناردرن باءِ پاس لڳ ديهن ماهي ڳاڙي، موچڪو، گنڊ پاس، بند مُراد، الڪاڻي، مِٺا گهر ۽ موهيو جي 2 هزار هڪ سئو 55 ايڪڙ زمين ڪراچي شهري سرڪار کي ڏني وئي، جنهن جي 20 ڪروڙ رپين جي پهرين قسط ڪراچي شهري سرڪار کي هڪ مهيني اندر ڀرڻي هئي پر ان اها رقم نه ڀري، جنهن کانپوءِ 12 جون 2008ع تي تڏهوڪي سنڌ بورڊ آف روينيو جي ميمبر (ايل يو) محمد صديقي ميمڻ اي ڊي او (روينيو) ڪراچي کي ليٽر نمبر 05-64-06/So-II/557/08جاري ڪري کيس هدايت ڏني ته هو زمين جي الاٽمينٽ جا شرط پورا نه ڪرڻ تي ڪراچي شهري سرڪار کي ڏنل زمين جي الاٽمينٽ رد ڪئي وڃي. اهڙي ليٽر جي پوئيواريءَ ۾ ڪراچي جي اي ڊي او (روينيو) 2 جولاءِ 2008ع تي ڪراچي شهري سرڪار ڏانهن ليٽر نمبر EDO(Rev: ) Reader Branch/193/2008 جاري ڪندي ڪراچي شهري سرڪار کي ڏنل زمين جي الاٽمينٽ رد ڪندي لکيو آهي ته ”ڪراچي شهري سرڪار 20 ڪروڙ رپين جي پهرين قسط نه ڀري الاٽمينٽ جي شرطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي تنهن ڪري الاٽمينٽ رد ڪئي وڃي ٿي“. هوڏانهن سرڪاري ذريعن موجب اهڙي ليٽر کان پوءِ ڪراچي شهري سرڪار اي ڊي او (روينيو) تي مختلف طريقن سان دٻاءُ وجهي رهي آهي پر سنڌ جو بورڊ آف روينيو ۽ اي ڊي او (روينيو) ڪراچي سجاد حسين عباسي اڃا تائين اهڙي دٻاءَ کي قبول نه ڪيو آهي ۽ سندن موقف آهي ته اهو سنڌ سرڪار جو اختيار آهي ته اها زمين الاٽ ڪري ۽ شرط پورا نه ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي. هوڏانهن سنڌ سرڪار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران سنڌ سرڪار صرف چونڊون ڪرائڻ لاءِ آيل هئي ۽ ان کي زمينن جي الاٽمينٽ ۽ ڀرتين سميت اهڙا ٻيا پاليسي فيصلا ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه هو.
|