اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

آپريشن بند نه ٿيو ته حڪومت سان اتحاد تي نظرثاني ڪنداسين:فضل الرحمان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر ايجنسي ۾ آپريشن جي ضرورت نه هئي، مقامي انتظاميا مجرماڻي غفلت جو  مظاهرو ڪيو، جنهن جي ڪري اتي خونريزي شروع ٿي وئي آهي، مقامي انتظاميا ۽ فورسز ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجي مداخلت ۽ گرفت برقرار رکڻ چاهي ٿي، خيبر ايجنسي ۾ جاري آپريشن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ڪائي هڪدم اڀرڻ واري حالت نه آهي پر ان جو ڊگهو ماضي آهي، مقامي انتظاميا انهن حالتن تي اکيون ٻوٽڻ جو مظاهرو ڪيو آهي پر مان سمجهان ٿو ته انهن هميشه مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ حالتون ان حد تائين وڌي ويون آهن جو اتي پاڻ ۾ خونريزي شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته پ پ جي حڪومت سان اتحاد قبائلي علائقن ۾ آپريشن نه ڪرڻ جي شرط تي ڪيو هو، آپريشن بند نه ڪيو ويو ته پ پ جي حڪومت سان اتحاد تي نظرثاني ڪنداسين.