اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت لاءِ متحده جا پرڏيهه ويل ميمبر طلب ڪراچي (ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ حيدر عباس رضوي چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت لاءِ متحده جي پرڏيهه ويل ميمبرن کي گهرايو ويو آهي، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ سٺو قدم آهي ۽ ايم ڪيو ايم حڪومتي فيصلن جي ڀرپور حمايت ڪندي، هن چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ واڌ بابت پ پ پاران رابطو ناهي ٿيو، جيئن رابطو ٿيو ته غور ڪنداسين، هن چيو ته اتحادي ٺاهڻ لاءِ پ پ کي رابطو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن متحده بهتر اتحادي ٿي سگهي ٿي اهو سوچڻ پ پ جو ڪم آهي.
|