دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

ڪراچي جي ناظم طرفان  واٽر  بورڊ جي 6 هزار ملازمن  کي پگهار ڏيڻ کان انڪار

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال واٽر بورڊ جي 6 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي واٽر بورڊ جي 6 هزار ملازمن کي شهري حڪومت پگهارون نه ڏيندي، اهو مامرو واٽر بورڊ جو چيئرمين پاڻ حل ڪري. حڪومت ڪراچي جي جيتري  به وڻي بجيٽ گهٽ ڪري پر اسان ڪراچي جي ترقي کي رڪجڻ نه ڏينداسين. ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڏيڍ ارب رپين جي واڌ آهي، پر ان باوجود هڪ ارب جي کوٽ سامهون ايندي ڇو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومت فنڊن ۾ ڪٽوتي ڪئي آهي، جنهن ۾ سوا ارب جو خسارو پگهارن ۾ ڪيل واڌ سبب اچي رهيو آهي. هن چيو ته شهري حڪومت تي اهو الزام غلط آهي ته اسان صرف پنهنجن علائقن ۾ ڪم ڪرايا آهن. هن چيو ته اڳوڻي سٽي ناظم بجيٽ ۾ يوسيز ناظمن جا فنڊ رکيا هئا پر آئون ائين نه ڪندس ۽ آئون بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ يو سي ناظمن کي اهڙي رشوت نه ڏيندس پر جيڪو يو سي ناظم ڪم ڪندو ان کي فنڊ ملندا.