دبئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)

ايران کي عالمي قوتن طرفان ڏنل مهلت ختم،هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين:نجاد

تهران (فارين ڊيسڪ) يورينيم جو رچاءَ ختم ڪرڻ لاءِ ايران کي عالمي طاقتن طرفان ڏنل مهلت ختم ٿي وئي آهي، ٻئي طرف ايراني صدر محمود احمدي نجاد چيو آهي ته ايراني قوم پنهنجي ائٽمي حق تان هڪ قدم به پوئتي نه هٽندي، 19 جولاءِ تي عالمي طاقتن طرفان ايران کي ائٽمي پروگرام ختم ڪرڻ لاءِ رعايتي پيڪيج جي آڇ ڪئي وئي هئي ۽ ان سلسلي ۾ کين 14 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي هئي، جيڪا ڪالهه ختم ٿي وئي آهي، ايراني صدر ڪالهه شام جو صدر بشرالاسد سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ايراني صدر احمدي نجاد چيو ته هو ائٽمي پروگرام واري معاملي تي هڪ انچ به پوئتي نه هٽندا، واضح رهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ٽن مرحلن ۾ ايران تي پابنديون هڻي چڪي آهي، آمريڪا جو چوڻ آهي ته ايران رعايتي پيڪيج نه قبوليو ته چوٿين پابندي به لڳائي ويندي.