ميران شاهه(اي ايف پي) |
|
آمريڪا طرفان ايشيا لاءِ پاليسين ۾ اهم تبديلين جو امڪان واشنگٽن(اين اين آءِ) آمريڪا جو ايندڙ صدر ڪو به ٿئي، جڏهن ته آمريڪا جي ايشيا لاءِ پاليسين ۾ اهم تبديلين جو امڪان آهي.آمريڪي صدارتي اميدوار بارڪ اوباما ۽ جان مڪين پاڪستان ۽ افغانستان ۾ شدت پسندن جي وڌندڙ خطرن ۽ اتر ڪوريا جي ائٽمي تڪرار کي منهن ڏيڻ ۽ چين کي هينڊل ڪرڻ لاءِ نوان خيال رکن ٿا. بارڪ اوباما جي ايشيائي معاملن جي صلاحڪار رابرٽ گلبرگ جو چوڻ آهي ته ايشيائي ملڪن سان آمريڪي لاڳاپا مسئلن جو شڪار آهن تنهن ڪري نئين حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. بارڪ اوباما چين کي جي ايٽ ملڪن ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو،جڏهن ته اوباما ۽ جان مڪين ٻنهي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ طالبان جي ڪاررواين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
|