|
طالبان
ڪراچي ۾ پهچي ويا آهن ۽ شهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا:الطاف حسين
لنڊن
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته
طالبان ڪراچي ۾اچي ويا آهن ۽ اهي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا،
ڪراچي ۾ ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ
پ جواتحاد هلندو رهندو ۽ مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندو، هن
وڌيڪ چيو ته طالبان ڪراچي ۾ اچي ويا آهن ۽ هو ڪراچي تي قبضوڪرڻ
چاهين ٿا، الطاف حسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي جي سٽي ناظم جي
ڪاميابي سڄي پاڪستان جي ڪاميابي آهي ۽ ان تي فخر آهي.
|