لاهور بيو رو رپورٽ |
|
القاعده طرفان ابوخباب سميت 4 ڪمانڊر مارڻ جي تصديق لنڊن (فارين ڊيسڪ) القاعده پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ بيان ۾ تنظيم جي اڳواڻ ۽ بم ٺاهڻ جي ماهر مدحت مصري عرف ابوخباب المصري جي مارجڻ جي تصديق ڪئي، القاعده بيان ۾ چيو آهي ته 55 ورهين جو ابو خباب المصري ۽ القاعده جا وڌيڪ 3 ڪمانڊر 28 جولاءِ تي مارجي ويا آهن، ابو خباب آمريڪا کي گهربل القاعده جو اهم اڳواڻ هو، 2006ع ۾ به سندس مارجڻ جون خبرون آيون پوءِ غلط ثابت ٿيون، ابو خباب مارجڻ بابت وڌيڪ تفصيل ته جاري ناهن ڪيا ويا پر خيال ظاهر ڪيو وڃي ٿو ته 28 جولاءِ تي افغانستان سرحد پار کان ٿيل ميزائيل حملي ۾ مارجي ويو هو.
|