اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
پاڪستان ۾ ججن جي فوري بحالي ۽ حڪومتي پارٽين جو اتحاد ضروري آهي:نيو يارڪ ٽائمز نيو يارڪ (اي پي پي) آمريڪا جي سڌ سماءُ جي ذريعن پاڪستان جي سياسي صورتحال ۾ دلچسپي ظاهر ڪندي سياسي اڳواڻن مٿان زور ڀريو آهي ته اهي هٽايل ججن جي بحالي، عدالتي سڌارن ۽ صدر پرويز مشرف جي مستقبل جي حوالي سان مسئلن تي قومي مفاد وٽان پاڻ ۾ ٺاهه ڪن، مشهور آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي هڪ خصوص ادارتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ هٽايل ججن جي فوري بحالي تمام ضروري آهي پر ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته حڪومت ۾ شامل پارٽين جو پاڻ ۾ اتحاد به برقرار رهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ وچ ۾ اختلافن جو حوالو ڏيندي اخبار لکيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي وزيرن جي استعيفائن کانپوءِ به حالتون پر اميد ۽ همت ڏياريندڙ آهن. ڇو ته نواز شريف استعيفائون ڏيارڻ کانپوءِ به حڪومت جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته جيڪڏهن صدر مشرف کي عهدي تان هٽايو ٿو وڃي ته ان جو سڄو اعزاز مسلم ليگ (ن) کي ويندو، اخبار لکيو آهي ته پاڪستان جي ماڻهن کي پڪ آهي ته آمريڪا صدر مشرف کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان اخبار پنهنجي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته اها مشرف جي نه بلڪ جمهوري حڪومت جي حامي رهي، اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اتحادي حڪومت جي ختم ٿيڻ سان رڳو هڪ فرد کي فائدو ٿيندو. |