|
پاڪستان ۾ جزوي ۽ اڪثر ملڪن ۾ مڪمل سج گرهڻ اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين ۽ روس سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾مڪمل ۽ پاڪستان ۾جزوي سج گرهڻ نظر آيو، پاڪستان ۾ سج گرهڻ جي شروعات منجهند 2 لڳي 21 منٽن تي ٿي ۽ سج گرهڻ 4 لڳي 26 منٽن تي ختم ٿيو، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ سج گرهڻ ٿيو، جڏهن ته پشاور ۾ سج گرهڻ 4 لڳي 18 منٽن تي شروع ٿيڻو هو جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪلاڪ جاري رهي ها پر جهڙ هجڻ سبب ماڻهو سج گرهڻ نه ڏسي سگهيا. |