اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

عدالت ڊاڪٽر قدير پاران فراهم ڪيل  لسٽ طلب ڪري ورتي، ڊاڪٽر قدير نظر بند ناهي نه ملاقات بند آهي:ڊپٽي اٽارني جنرل؛آزادي چاهيان ٿو،وڌيڪ دٻاءُ وڌو ويو ته صدر بابت اهم انڪشاف ڪندس:ڊاڪٽر قدير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو آهي ته حراست ۾ آهيان،  وڌيڪ چيف جسٽس پاڻ رابطو  ڪري مون کان پڇي سگهي ٿو، هن اهڙو اظهار سندس وڪيل پاران فون تي  ڪيل رابطي دوران ڪيو،   ڊاڪٽر قدير جو چوڻ  هو ته ملاقات جي خواهشمند ماڻهن جي درخواست ڏئي چڪو آهيان پر ان ڏس ۾ عمل نه ٿي رهيو آهي،  وڪيل  جاويد  اقبال سان 20 منٽ فون تي  ڳالهه ٻولهه دوران نظربندي خلاف ڪيس  جي ڪارروائي جا تفصيل ٻڌايا، هوڏانهن ڊپٽي اٽارني جنرل  جو چوڻ آهي ته  ڊاڪٽر قدير جي ملاقات تي ڪابه پابندي ناهي، ڊاڪٽر قدير چيوته ڊپٽي  اٽارني جنرل پاران منهنجي حراست ۾نه هجڻ بابت بيان  غلط آهن،  هن چيو ته  منهنجي خاندان جا ماڻهو ان ڪري ملاقات تي پابندي خلاف درخواست داخل ڪئي آهي ته کين سنگين ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هن چيو ته  صدر پنهنجي واعدي تي عمل ناهي ڪيو ۽ مون تي وڌيڪ  دٻاءُ وڌو ويو ته صدر بابت اهم انڪشاف ڪندس، هن چيو ته مون کي  سڀني سان  ڳالهائڻ ۽ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي،هن چيو ته مون ڪو به  غلط ڪم ناهي  ڪيو، تنهن ڪري آئون آءِ اي اي اي ۽ آمريڪا سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهيان، هن  چيو ته ڪابه  لسٽ نه ٿو  مڃان، جنهن سان جيءُ  چاهيندو ان سان ملندس، ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ  ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير جي نظر بندي خلاف درخواست تي  ٻڌڻي ڪري درخواستگذار جي وڪيل کي هدايت ڪئي آهي ته هو  ڊاڪٽر قدير سان رابطو ڪري انهن ماڻهن جا نالا حاصل ڪري  جن سان هو ملڻ  چاهي ٿو،  اهڙي لسٽ حڪومت ۽ عدالت کي به ڏني وڃي،  هاءِ  ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار  محمد اسلم جي سربراهي ۾ قائم هڪ  رڪني بئنچ آڏو درخواستگذار طرفان  بئريسٽر جاويد  اقبال  جعفري چيو ته  ڊاڪٽر  قدير اڃا  حبس بيجا ۾ آهي، ڪنهن  سان   ملاقات  نه ٿي ڪرائي وڃي،  مون ملاقات جي ڪوشش  ڪئي پر  ناڪام ٿيس، ملاقات لاءِ مون ڪي آر ايل جي هڪ عملدار کي لکت ۾ درخواست ڏني پر ان جو ڪو جواب نه مليو آهي، حڪومت جي وڪيل ڊپٽي اٽارني جنرل راجا عبدالرحمان  چيو ته ڊاڪٽر قدير کي سڀ سهولتون مليل آهن، ڪنهن سان به ملاقات  کان ناهي روڪيو ويو نه وري  نظر بند آهي، جنهن بعد  عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي آهي.