اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ڪالاباغ ڊيم جي خاتمي خلاف درخواست خارج ڪرڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪالاباغ ڊيم جي تعمير بابت پٽيشن خارج ٿيڻ وارو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي ويو آهي، درخواستگذار سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي تعميرروڪڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف اسٽي جاري ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ پيپلز رائيٽ موومينٽ جي اڳواڻ چوڌري اشفاق الله داخل ڪرايل پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست جي ميرٽ تي وڃڻ بنا ئي ان کي خارج ڪيو آهي، ڪالاباغ ڊيم قومي ضرورت آهي.