اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ميريئٽ هوٽل کانسواءِ ڀرپاسي نقصان جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ميريئٽ هوٽل کانسواءِ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٿيل نقصان جي جاچ لاءِ هائوسنگ جي وفاقي سيڪريٽري تنوير خلجي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪاميٽي جي سربراهه ڪاوش کي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ميريئٽ هوٽل جي ٻن ڪلو ميٽرن جي ايريا ۾ عام ماڻهن ۽ سرڪاري عمارتن کي پهتل نقصان جو اندازو لڳائڻ لاءِ مون سروي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 6 سب جاچ ڪاميٽيون به جوڙيون آهن، جن ابتدائي طور اندازو لڳايو آهي ته عمارتن جا شيشا ۽ دروازا ٽٽڻ سبب 10 ڪروڙن رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، هن چيو ته جن گهرن کي نقصان پهتو آهي انهن جو اڄ کان سرڪاري خرچ تي ڪم ڪرايو ويندو.