اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
مڪاني حڪومتن جي نظام کي نئين سر ترتيب ڏنو وڃي:ايم اين ايز اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اڪثر ميمبرن مڪاني نظام کي آمرن جا هٿ مضبوط ڪندڙ نظام قرار ڏيندي ان کي جمهوري نظام بڻائڻ لاءِ نئين سر ترتيب ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، قومي اسيمبلي ۾پير آفتاب شاهه جيلاني ڳالهائيندي چيو ته فوجي حڪمرانن جي دور ۾ مڪاني نظام آيو، ايوب ۽ ضياءُ الحق مڪاني نظام ٺاهيو، اهي عوام کان پري هئا، جيئن انهن جا هٿ مضبوط ٿين، جنرل پرويز مشرف به مڪاني نظام آندو، ۽ ان آئين سان مذاق ڪيو، ڪامران خان چيو ته ڊڪٽيٽر اچڻ شرط نظام اجلت سان ٺاهيندو آهي، جنهن سان عوام کي فائدو ناهي ٿيندو، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي چيو ته ٿرپارڪر ضلعي حڪومت کي ڏسي چوان ٿو ته هي نظام فرسوده آهي، اڳوڻي وڏي وزير چيو ته مخالفت ۾ جيڪو فارم ڀرائيندو ان کي ڏسندس، ان هر يوسي ناظم کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو، جمهوري طرح چونڊون ٿيڻ گهرجن، ڪشور زهريٰ چيو ته هي نظام جاري رهڻ گهرجي، روشن جوڻيجو چيو ته هن نظام جو مان پاڻ متاثر آهيان، مون خلاف ٻه ڀيرا بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي، هي نظام مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، هن کي نئين سر ترتيب ڏنو وڃي، ان لاءِ قومي اسيمبلي جي ڪاميٽي ٺاهي وڃي جيڪا ان حوالي سان فيصلا ڪري. |