|
بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾سڀاڻي کان واڌ جو امڪان اسلام آباد(رپورٽ: قربان بلوچ) حڪومت طرفان پهرين جولاءِ (سڀاڻي) کان گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جا امڪان آهن، حتمي فيصلو اڄ ڪيو ويندو، ذريعن مطابق اوگرا ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت کي سئي سدرن گئس ڪمپني جي گهريلو توڙي ڪمرشل صارفين لاءِ 26.7 سيڪڙو ۽ سئي ناردرن گئس ڪمپني جي گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين لاءِ گئس قيمتن ۾ 29 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي هئي، ذريعن مطابق حڪومت طرفان پهرين جولاءِ سڀاڻي کان گئس جي قيمتن ۾ واڌ جا امڪان آهن، جنهن بابت حتمي فيصلو اڄ ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، ٻئي طرف ذريعن مطابق حڪومت پاران سڀاڻي پهرين جولاءِکان بجلي تي اٽڪل 35 يونٽ تائين سبسڊي گهٽائي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ جا امڪان آهن، 50 يونٽ کان 200 يونٽ تائين ماهوار بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين تي بجلي قيمتن جو بار نه وجهڻ جوامڪان آهي.
|