آصف زرداري جو اسفند يار سان رابطو،وفاقي ڪابينا ۾ 2 وزارتون ڏيڻ  جي خاطري

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري  حڪومت جي اتحادي پارٽي اي اين پي جي سربراهه اسفند يار  ولي سان ڪالهه ٽيليفون تي رابطو ڪري کيس خاطري ڪرائي ته سندس پارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾  وڌيڪ  2  وزارتون ڏنيون وينديون. خانگي ٽي وي چئنل موجب آصف علي زرداري ۽ اسفند يار ولي وچ ۾ حڪومتي ڪاروهنوار سميت ڪابينا ۾ واڌ وارن معاملن تي ڳالهيون ٿيون،ان موقعي تي   آصف علي زرداري چيو ته مخلوط  حڪومت  عوام  کي مايوس نه ڪندي، ان سلسلي ۾ اي اين پي جي سربراهه  اسفند يار ولي چيو ته نواز  ليگ  سميت سمورا  اتحادي  متحد ٿي حڪومت خلاف ٿيندڙ  سازشن جو مقابلو ڪن ته  جيئن جمهوريت جو سفر جاري رهي، ان حوالي سان اي اين پي اڳواڻ افراسياب خٽڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  آصف علي زرداري اي اين پي   جي قيادت کي ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ اي اين پي جا وڌيڪ 2 مملڪتي وزير شامل ڪيا ويندا،  هن چيو ته اي اين پي جي خواهش آهي ته اتحادي حڪومت قائم رهي ۽ مسلم ليگ (ن)  به اتحادي حڪومت جو حصو هجي، هن چيو ته  امن امان  اسان جي ترجيح ۾ شامل آهي. ٻئي پاسي آن لائن موجب پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اي اين پي جا اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ وطن واپسيءَ  تي  اسفند يار ولي سان ملاقات ڪندو، انهيءَ ملاقات ۾ بيت المال چيئرمين جي مقرري، اي اين پي  جي وزارتن  ۾ ڀرتين تي اعتماد ۾ نه وٺڻ  ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿينديون، ملاقات ۾ بيت المال  جي چيئرمين زمرد خان جي مستقبل جي باري ۾ فيصلو ڪيو ويندو. ان سلسلي  ۾ اي اين پي جي سينيٽر حاجي عديل احمد تصديق ڪندي چيو آهي ته وطن واپسيءَ تي آصف علي زرداري جي اسفند يار  ولي سان ملاقات ٿيندي، هن چيو ته عوامي نيشنل پارٽي کي فاٽا آپريشن بابت به سخت تحفظات آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معاملا حل ٿي ويندا.