|
اليڪشن ڪمشنر صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ قاضي محمد فاروق صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته درخواستگذار پاران فيصلي خلاف اڄ سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ قاضي محمد فاروق ڪالهه 6 سيپٽمبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت عدليا بچايو تحريڪ جي صدر حشمت علي حبيب ايڊووڪيٽ جي درخواست جي شنوائي ڪئي، چيف اليڪشن ڪمشنررٽرننگ آفيسر طور درخواست تي دليل ٻڌڻ کانپوءِ اها درخواست خارج ڪري ڇڏي، ايڊووڪيٽ حشمت حبيب جو موقف هو ته ملڪ جي وقتي صدر محمد ميان سومرو عهدي جو حلف ناهي کنيو، جيڪو آئين جي آرٽيڪل 255 (3) تحت ضروري آهي، اهڙي صورت ۾ صدارتي چونڊ لاءِ اليڪٽرول ڪاليج مڪمل ناهي، تنهن ڪري صدارتي چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن.
|