|
عالمي سيڙپڪارن ٿر جي ڪوئلي ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي،ڀاشا تي ايندڙ سال ڪم شروع ٿي ويندو:راجا پرويز اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڀاشا ڊيم تي ايندڙ سال کان تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو، 2015ع تائين 16 هزار ميگا واٽ اضافي بجلي پيدا ڪرڻي آهي، ايندڙ سال جي آخر تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي، هن اهڙن خيالن جو اظهار سينٽرل ۽ ڏکڻ ايشيا خطي جي بجلي مارڪيٽ بابت بين الحڪومتي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، وفاقي وزير راجا پرويز اشرف چيو ته ايشيا جي بين الحڪومتي ڪانفرنس سان خطي جي ملڪن وچ ۾ بجلي جي واپار ۾ مدد ملندي، هن چيو ته تاجڪستان ۽ ڪرغستان مان افغانستان رستي پاڪستان ڏانهن هڪ هزار ميگا واٽ بجلي امپورٽ ڪرڻ واري مامري ۾ افغان حڪومت جي مڪمل حمايت حاصل آهي، جنهن سان ان کي پڻ فائدو ملندو، وفاقي وزير چيو ته واشنگٽن ۾ پاڪستان ۾ توانائي واري صورتحال تي عالمي گول ميز ڪانفرنس ۾ ڪوئلي تي بجلي تيار ڪندڙ 30 ڪمپنين شرڪت ڪئي، انهن ڪمپنين وچ ۾ ڪوئلي تي بجلي پيداوار لاءِ واڪ ڪرايا ويندا، هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي سيڙپڪارن ٿر ڪول منصوبي ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، وفاقي وزير راجا پرويز اشرف چيو ته ملڪ ۾ 2015ع تائين 16 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻي آهي، جنهن تي 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، جنهن مان 10 ارب حڪومت ۽ 20 ارب نجي ڪمپنين ذريعي سيڙپ ڪئي ويندي، هن چيو ته ايندڙ سال جي آخر تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو ويندو، هن هڪ سوال جي جواب ۾ دعويٰ ڪئي ته عالمي بئنڪ ڀاشا ڊيم جي تعمير لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ کان انڪار ناهي ڪيو، ڊيم جي تعمير جو ڪم ايندڙ سال شروع ڪيو ويندو، هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن مان افغانستان رستي پاڪستان لاءِ هڪ هزار ميگا واٽ بجلي جي امپورٽ ميمبر ملڪن جي اقتصادي ترقي لاءِ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندو، هن چيو ته پهرين سيپٽمبر تي گهڙيون هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪيون وينديون.
|