بجلي جي اڻ اعلانيا لوڊشيڊنگ نه ٿيندي،خلاف ورزي تي ڪارروائي جو  اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بجلي مئنيجمينٽ  ۾ ناڪام، ملڪ ۾ 4 هزار ميگاواٽ بجلي کوٽ جو  اعتراف، شهرن  ۾ 6 ۽ ٻهراڙين ۾ 8 ڪلاڪ  باضابطه لوڊشيڊنگ جو فيصلو، حڪومت پاران بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو حڪم، اهڙا فيصلا ڪالهه پاڻي۽ بجليءَ واري وفاقي وزير راجا  پرويز اشرف جي صدارت  هيٺ اجلاس ۾ ڪيا ويا.پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز  اشرف جي صدارت هيٺ ملڪ  اندر بجليءَ جي لوڊشيڊنگ تي غور  لاءِ منعقد اجلاس ۾ وفاقي وزير پيپڪو توڙي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين ملڪ اندر  اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ  ڪنهن به صورت ۾ نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. هن چيو ته لوڊشيڊنگ جو ميڊيا ۾ اعلان ڪري ان تي مڪمل نموني سان عملدرآمد ڪيو وڃي،خلاف ورزي ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته ملڪ اندر 4000 ميگاواٽ بجلي جي  کوٽ برقرار آهي،ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويو ته شهري  علائقن  ۾ 6 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي، اجلاس ۾ بجلي ڪمپنين جي سربراهن کي هدايت ڪئي وئي ته لوڊشيڊنگ  پلان تي مڪمل نموني عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان ڪا به  خلاف ورزي نه ڪئي وڃي، اجلاس ۾  لاڳاپيل ادارن  کي ايندڙ ٻن  ٽن هفتن ۾ هائيڊل بجلي پيداوار   وڌڻ   جي صورت ۾ لوڊشيڊنگ گهٽائي هڪ کان  2 ڪلاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.