پارلياماني پارٽين پارليامينٽ جو ان ڪئميرا سيشن 2 ڏينهن جاري رکڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: پارلياماني پارٽين تجويز ڏني آهي ته گڏيل پارليامينٽ جو ان ڪئميرا سيشن 2 ڏينهن جاري رکيو وڃي، ذريعن موجب پارٽين جي تجويز آهي ته پارليامينٽ جا مختلف سيشنز رکيا وڃن ته جيئن امن امان، قبائلي صورتحال ۽ پاڪ-افغان سرحدي صورتحال تي عوامي نمائندن کي تفصيلي بريفنگ ملي سگهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته 8 آڪٽوبر جي صبح جو صلاحڪاري ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن  ۾ ان ڪئميرا سيشن جو طريقيڪار طئي ڪيو ويندو.