|
|
|
11 مهينن بعد ٻيهر صدارتي چونڊ ٿي رهي آهي، گذريل سال 6 آڪٽوبر تي چونڊ ٿي هئي اسلام آباد (آن لائن) ملڪ ۾ 11 مهينن بعد ٻيهر صدارتي چونڊ ڪرائي پئي وڃي، گذريل سال 6 آڪٽوبر تي صدارتي چونڊ ٿي هئي، جنهن ۾ پرويز مشرف 5 سالن لاءِ صدر ٿيو هو، پر ان چونڊ کي تڪراري قرار ڏنو ويو هو، بعد ۾ ان عهدي تي رڳو 10 مهينا ۽ 12 ڏينهن رهي سگهيو، 18 فيبروري بعد اختيار ۾ آيل حڪومت سان ڇڪتاڻ بعد استعيفا ڏئي هليو ويو، ايتري گهٽ عرصي ۾ پهريون ڀيرو ٻيهر صدر جي چونڊ ٿي رهي آهي.
|