اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

تعليم کاتي ۾ مئنيجمينٽ ڪيڊر ٺاهڻ چاهيون ٿا:پير مظهر الحق

 حيدرآباد : تعليم جي صوبائي وزير پير مظهرالحق  ڪاوش فورم ۾ ڳالهائيندي چيو ته  تعليم کاتي ۾مئنيجمينٽ  ڪيڊر  ٺاهڻ چاهيون ٿا، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ کي انتظامي پوسٽن تان هٽائي واپس موڪليو ويندو، اهي پنهنجو وڃي ڪم ڪن،  ڪيمسٽري  جي استاد کي ڪهڙي خبر  ته انتظامي  معاملا ڪيئن هلائبا آهن پر  جيڪڏهن ڪنهن استاد ۾  اهڙي لياقت  يا اهليت آهي ته  هو هڪ طريقيڪار تحت  ٽيچنگ جي شبعي  مان مئنيجمينٽ ڪيڊر ۾  اچي  پوءِ ڀلي  ان  جي مقرري ٿئي، هن چيو ته  استاد ورڪنگ ڪنڊيشن بهتر  بڻائين،  استادن جي ويلفيئر  تنظيمن جي خلاف ناهيان، استاد پنهنجا حق ڇني وٺن، هن چيو ته جيئن  ڊفينس  ڪلب ۽ آفيسر  ڪلب آهن ائين استادن جو  ڪلب  به  هجڻ گهرجي.