ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

نيلم شيخ

                سانوڻي جي برساتن ڌرتي کي ته پنهنجي وڏ ڦڙي سان پسائي مٽيءَ جي مهڪار هر هنڌ پکيڙي ڇڏي آهي پر ان سان گڏوگڏ انهي برسات ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻڻ سان گڏوگڏ انهن جو موڊ پڻ تبديل ڪيو آهي، جون- جولاءِ جي تيز گرمين ماڻهن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ ته جهڙو ڪر بند ڪري ڇڏيو هو ۽ هن گرمي ۾ مٿان وري بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ماڻهو گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان ڏاڍو تنگ ٿي ويا هئا پر ڪجهه هفتا اڳ ئي جڏهن بادل گڏ ٿيا، کنوڻ گرجي ۽ ماڻهن جي چهرن تي مينهن جي وسڪاري جي بوند پئي ته مرد، عورتن توڙي ٻارڙن جي چهرن تي خوشي جي لهر ڇانئجي ويئي ۽  هر پارڪ ۽ گهمڻ وارن هنڌن يعني تفريح گاهن تي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جي رش ٿي ويئي. حيدرآباد ۾ گهڻو ڪري المنظر، حسين آباد پارڪ، سٽي پارڪ، عسڪري پارڪ، واٽر پارڪ ۽ فن لينڊ وغيره جهڙين جاين تي ڏاڍي رش نظر ايندي آهي، هونئن ته هن دور ۾ جڏهن زندگي تيز رفتار ٿيندي پئي وڃي ته سير ۽ تفريح جي اهميت به وڌيڪ ٿي وئي آهي پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پهرين جي نسبت سير و تفريح جي لاءِ وڃڻ جو رجحان هاڻي گهٽ ٿيو آهي پر ان هوندي به جهڙالي موسم ۽ حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ماڻهن کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ هاڻي ته پارڪن ۾ رش به وڌي ويئي آهي. حسين آباد پارڪ جنهن کي مهراڻ پارڪ به سڏيو وڃي ٿو، اتي آيل 22 سالن جي ڇوڪري شميم ٻڌائي ٿي ته جهڙالي موسم کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون، موسم سٺو هجي ته گهمڻ ضرور گهرجي، باقي حيدرآباد ۾ پارڪ گهٽ آهن ۽ ماحول به ايترو صحيح ناهي، تنهن ڪري ڇوڪريون پارڪن ۾ گهٽ گهمڻ اچن ٿيون، ماحول جي باري ۾ جيڪڏهن مان پنهنجي راءِ ڏيان ته ماحول انسان پاڻ ٺاهي ٿو ۽ آزادي سٺي شيءِ آهي، نياڻين کي قيد ڪرڻ صحيح نه آهي، اهڙي موسم ۾ هر ڪنهن کي انجواءِ ڪرڻ گهرجي، ڪي ماڻهو وري پنهنجين ڌيئرن ۽ ڀينرن کي گهمڻ جي اجازت نه ڏيندا آهن ۽ نه ئي انهن کي گهمائڻ لاءِ وٺي ويندا آهن پر منهنجي خيال ۾ جيترو ماڻهو گهر ۾ بند رهي ٿو، اوترا الزام وڌيڪ ٿا لڳن، چار ڏينهن جي زندگي آهي، اها به گهر ۾ گذارجي ته باقي رهيو ڇا؟ ۽ مان ته چونديس ته اڄڪلهه زمانو عورتن جو آهي، مرد ته ڪجهه به نه ٿو ڪري. لطيف آباد جي طاهره ٻڌائي ٿي ته مان هونئن ته گهمڻ نه ويندي آهيان پر موسم سٺي هجڻ ڪري ٻارڙن ۽ پنهنجي گهر واري سان گڏ هتي پارڪ ۾ گهمڻ آئي آهيان، هاڻي ته حيدرآباد ۾ سٺا پارڪ آهن پر جڏهن به موسم جهڙالي ٿئي ٿي ته ان موسم ۾ ٻاهر گهمڻ ۾ مزو ايندو آهي، پارڪ صحيح آهن پر هتي ويجهي ئي ريسٽورنٽ هجن ته وڌيڪ بهتر آهي، اسين 4 وڳي آيا آهيون ۽ هاڻي دير تائين هتي ويهي انجواءِ ڪنداسين. ميٽرڪ جي شاگردياڻي انعم ٻڌائي ٿي ته اسين لاهور کان هتي نواب شاهه پنهنجي مائٽن وٽ آيا آهيون پر اڄ موسم سٺو هجڻ ڪري حيدرآباد گهمڻ آيا آهيون. هتي اسين پنهنجي والدين سان گڏ آيا آهيون، هن سٺي جهڙالي موسم ۾ تفريح ڪرڻ ۾ مزو ٿو اچي. مسز اختر ٻڌائي ٿي ته موسم سٺي ٿئي ٿي ته ٻار گهمڻ لاءِ ضد ٿا ڪن، ان ڪري اسين هتي گهمڻ آيا آهيون، پارڪ گهمڻ لاءِ سٺا آهن پر ماحول سٺو نه آهي، ڇو ته آوارا ڇوڪرا سامهون بيهي ٿا رهن، منهنجي ڌيئرن به ضد ڪيو ته اسان کي به وٺي هلو ڇو ته موسم سٺي آهي. هو ٻڌائي ٿي ته اڄڪلهه موسم سٺو آهي، ان ڪري شام جو هتي ڏاڍي رش ٿي ٿئي، سوزڪيون ڀرجي ٿيون اچن ۽ ماڻهو پاڻ سان گڏ کاڌو پيتو به کڻي اچن ٿا، جتي ڪيتريون ئي عورتون، ٻارڙا ۽ فيمليز مهراڻ پارڪ آيل هيون، اتي ئي وري حيدرآباد جي فن لينڊ ۾ به ماڻهن جو ميلو متل هو، فن لينڊ ۾ گهمڻ لاءِ آيل زري نالي ڇوڪري جيڪا لطيف آباد نمبر 11 مان آئي هئي، ان ٻڌايو ته هوءَ ٽيچر آهي. هونئن ته جون- جولاءِ ۾  اسين گهمڻ لاءِ ڪونه وياسين ڇو ته گرميون گهڻيون هيون پر هينئر موسم تمام ڀلي آهي، ان ڪري گهر وارن به اجازت ڏني، آئون پنهنجي چاچي ۽ ڪزنز سان هتي آئي آهيان، جتي مختلف پارڪن ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو اتي هن مينهن واري موسم ۾ ماڻهن کي ڄامشوري جو المنظر ياد نه اچي اهو ممڪن ٿي ئي نٿو سگهي، المنظر ڄامشورو- حيدرآباد جي مشهور تفريح گاهن مان هڪ آهي، اتي گهمڻ لاءِ آيل ڊاڪٽر صنوبر ٻڌائي ٿي ته هونئن اسين پنهنجي لائيف ۾ ڏاڍا مصروف آهيون، تفريح گاهن تي گهمڻ ايترو نه ويندا آهيون پر هي موسم ئي گهمڻ جي آهي، تنهن ڪري ۽ وري منهنجي ٻارن گهمڻ لاءِ ضد ڪيو، ان ڪري اسين هتي درياءُ جو سير ڪرڻ آيا آهيون. حيدرآباد ۾ گهمڻ لاءِ ڪراچي وانگر گهڻا اسپاٽ نه آهن پر هتي سٺا اسپاٽ هجڻ گهرجن. هوءَ ٻڌائي ٿي ته عورتون صرف ٻارڙن کي گهمائڻ لاءِ ئي ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ اهڙي سٺي موسم ۾ ٻاهر نڪرڻ گهرجي، هڪ ٻي ڇوڪري شبانه ٻڌايو ته اسان کي سال ٿي ويو آهي، اسان ٻاهر تفريح لاءِ نه نڪتا آهيون پر هينئر موسم تمام ڀلو هو، تنهن ڪري بابا ۽ ڀينرن سان هتي المنظرگهمڻ آئي آهيان. هونئن ته اڄڪلهه هر ڪو ماڻهو مصروف لڳو پيو آهي پر جڏهن اهڙو خوشگوار موسم ٿئي ٿو ته دل ٻاهر گهمڻ لاءِ چوندي آهي. المنظر ۾ صفائي جو خيال نه ٿو رکيو وڃي، حالانڪه هتي صفائي جي وڌيڪ ضرورت آهي. حيدرآباد وڏو شهر آهي ۽ هتي فيملي پارڪ اڃا ٺهڻ گهرجن.  المنظر تي آيل انٽر جي شاگردياڻي مريم ٻڌائي ٿي ته موسم واقعي ڏاڍي خوشگوار آهي، اهڙي موسم ۾ فيملي سان گڏ گهمڻ ۾ مزو ايندو آهي، تنهن ڪري اسين هتي ڄامشورو آيا آهيون، سانوڻي جي برساتن گرمي جو زور ٽوڙي ڇڏيو آهي، مٿان وري لوڊشيڊنگ به جيئڻ جنجال ڪيو هو پر هاڻي آئون ته چاهينديس ته اها خوشگوار موسم برقرار رهي. نازيه نالي ڇوڪري ٻڌائي ٿي ته هونئن ته گهڻو ڪري فيمليز صرف شادي فنڪشن ۾ گهڻو وينديون آهن، سير ۽ تفريح ڪرڻ تي ڌيان نه ڏينديون آهن پر اهڙي خوشگوار موسم سڀني کي گهر کان ٻاهر تفريح ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، ٻارڙا ته هونئن به ٻاهر گهمندا آهن پر تفريح ڪرڻ جو موقعو اسان ڇوڪرين کي گهٽ ملي ٿو پر اهڙي خوشگوار موسم اچڻ ڪري اسان کي به ٻاهر موسم انجواءِ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اسين تفريح گاهن تي وڃون ٿا. المنظر تي ٻار به گهڻو انجواءِ ڪندي نظر آيا، فيمليز جي اچ وڃ لڳي پئي هئي ۽ اتان جي دڪاندارن ۾ به خوشي جي لهر ڇانيل هئي ته ماڻهن جي تفريح گاهن ڏانهن ٻيهر آمد انهن جي ڪاروبار ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ڊفينس پارڪ ۾ به جيئن ئي شام ٿئي ٿي ته پارڪ ۾ فيمليز جي آمد شروع ٿئي ٿي. ٻارڙا به گهڻو انجواءِ ڪن ٿا. حنا ٻڌائي ٿي ته ٻه مهينا موڪلون هيون پر اسين گهمڻ لاءِ ڪٿي به ڪونه وياسين، ڇو ته گرميون الائي هيون پر هاڻي اسڪول کُلي ويا آهن ۽ هاڻي برسات جي ڪري موسم خوشگوار ٿي ويئي آهي، تنهن ڪري اسين هتي گهمڻ آيا آهيون. عسڪري پارڪ ۾ گهمڻ لاءِ واپڊا ڪالوني کان آيل انٽر جي شاگردياڻي گلشن ٻڌائي ٿي ته مان اڄ پهريون دفعو هن پارڪ ۾ آئي آهيان، هونئن ته هڪ دفعو راڻي باغ ۽ سٽي پارڪ وئي آهيان پر هتي به موسم جي ڪري انجواءِ پئي ڪريان، هي سٺو پارڪ آهي. بابا گهمڻ جي اجازت نه ڏيندو آهي، چوندو آهي ته گهر جي نياڻي، گهر ۾ ئي سٺي لڳندي آهي پر اڄ موسم سٺو هو، سو بابا آنٽي سان گهمڻ لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڀائر گهمڻ لاءِ نه ٿا وٺي وڃن، هو پاڻ ته سڄو ڏينهن گهمندا آهن ۽ چوندا آهن ته پاڻ وڃو، اسان کي ٽائيم نه آهي. هن موسم متعلق راحيلا ٻڌائي ٿي ته موسم واقعي خوشگوار آهي پر آئون ايم بي اي جي سيمسٽر جي تياري ڪرڻ جي ڪري، ٻاهر گهمڻ لاءِ نه وئي آهيان. باقي هونئن مون گهر ويٺي به برسات جي موسم کي انجواءِ ڪيو. موسم جي هن خوشگوار تبديلي جي ڪري هن وقت تفريح وارين جڳهين تي خوب رونق هوندي آهي ۽ سانوڻي جي وسڪاري ماڻهن جي چهرن تي رونق واپس آندي آهي.