|

نيلم شيخ
توهان
مان گهڻن کي اوباما جي گهر واري مشعل اوباما جي باري ۾ خبر نه
هوندي جيڪا هاڻي 20 جنوري 2009ع تي آمريڪا جي نئين صدر بارڪ
اوباما جي حلف کڻڻ کانپوءِ باضابطه طور تي آمريڪا جي خاتون اول
بڻجي ويندي. هونئن ته آمريڪا جي صدر واري چونڊ مهم ۾ صدر لاءِ
نامزد ٿيل اميدوارن جون گهر واريون پنهنجي گهر واري جي چونڊ
مهم به هلائينديون آهن. مشعل اوباما هڪ وڪيل، ڪميونٽي اڳواڻ ۽
ٻن ڌيئرن جي ماءُ آهي. هي سمارٽ، طاقتور ۽ نهايت ئي ذهين عورت
آهي ۽ گهڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي وائٽ هائوس جي ڪلاسيئٽ
خاتون اول آهي، مشعل اوباما هميشه ئي انهي ڳالهه تي زور ڏنو
آهي ته هن جي نظر ۾ هن جي فيملي ۽ فيملي جا ويليوز وڌيڪ اهميت
رکن ٿا. مشعل روبن تاريخ 17 جنوري 1964ع تي شڪاگو ۾ پيدا ٿي.
مشعل،
ڪيريج
روبن سن جي ڀيڻ آهي، جيڪو اور گن اسٽيٽ يونيورسٽي جي مردن جي
باسڪيٽ بال ٽيم جو ڪوچ آهي. مشعل اوباما جا تمام گهڻو عرصو اڳ
وارا ڏاڏاڻا جم روبن سن آمريڪي اسٽيٽ سائوٿ ڪيرولينا ۾ آمريڪن
جا غلام هئا. مشعل جي اڌ فيملي اڃا به اتي ئي رهي ٿي، مشعل
پنهنجي ابتدائي تعليم وٽني ينگ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. هن
1981ع ۾ هاءِ اسڪول مان پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪئي ۽ بعد ۾ هن
پرنسٽن يونيورسٽي مان سوشالاجي ۽ مائنر ان آفريڪن آمريڪن
اسٽيڊيزي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ 1985ع ۾ هن گريجوئيٽ ڪم لائوڊي
سان گڏ بيچلر آف آرٽس ۾ به ڪيو. پرنسٽن ۾ هن فرينچ واري ٽيچنگ
ميٿولاجي کي چئلينج ڪيو، ڇو ته هن محسوس ڪيو اهو گهڻو
ڪنورزيشنل آهي، جيئن ته هو گريجوئيشن ڪري رهي هئي، ان پڙهائي
دوران ئي هن پرنسٽن ايجوڪيٽڊ بليڪس ۽ بليڪ ڪميونٽي تي هن ان
وقت هڪ ٿيسس لکيو. 1989ع ۾ مشعل هارورڊ جي ڊائون ٽائون لا فرم
۾ ايڊوائيز طور ڪم ڪيو ۽ اتي هن جي ملاقات بارڪ اوباما سان ٿي.
ان وقت اتي ڪجهه ئي آفريڪن آمريڪي هئا، جيڪي ان لا فرم سڊلي
آٽسن سان لاڳاپيل هئا. بارڪ اوباما جو ڪارپوريٽ لا ۾ ڪوبه
انٽريسٽ نه هو پر هن جو مشعل ۾ تمام گهڻو انٽريسٽ ٿي ويو. مشعل
ٻڌائي ٿي ته ”هن جي ويجهڙائپ بارڪ سان ساڳي سبب ٿي، ماڻهو بارڪ
جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ هن جا هر ماڻهو سان سٺا لاڳاپا
هئا.“ مشعل، اوباما سان گڏ پورو مهينو ٻاهر گذارڻ واري آڇ کي
رد ڪري ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ هو بارڪ سان ڊنر تي وڃڻ لاءِ راضي ٿي
۽ ڊنر کانپوءِ هو ”ڊو دي رائٽ ٿنگ“ نالي فلم ڏسڻ ويا، اها انهن
جي پهرين ٻاهر ملاقات (Date) هئي. مشعل ۽ بارڪ جي شادي 3
آڪٽوبر 1992ع ۾ ٽرينٽي يونائيٽيڊ چرچ آف ڪرائسٽ شڪاگو ۾ ٿي.
هنن کي ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي، وڏي ڌيءَ ماليا آن اوباما جيڪا
1999ع ۾ پيدا ٿي ۽ ننڍي ڌيءَ نتاشا (ساشا) جيڪا 2001ع ۾ پيدا
ٿي. سال 2002ع ۾ مشعل يونيورسٽي آف شڪاگو هاسپيٽل ۾ پهرين
ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر فار ڪميونٽي افيئرس طور ڪم ڪيو. ان کانپوءِ
سال 2005ع جي مئي مهيني جي شروعات ۾ هن وائس پريزيڊنٽ فار
ڪميونٽي ۽ ايڪسٽرنل افيئر طور ڪم ڪيو ۽ اها پوزيشن هن جي اڃا
به برقرار آهي. حالانڪه هو پارٽ ٽائيم ڪم ڪري رهي آهي پر هو
پنهنجو گهڻو وقت پنهنجن ٻارن کي ڏيڻ چاهي ٿي. بارڪ اوباما جي
مشهور ملڪي سياستدان هجڻ جي ڪري مشعل به پاپ ڪلچر جو حصو بڻجي
وئي آهي. سال 2006ع جي ايسين ميگزين جي مئي واري شماري ۾ مشعل
انهن 25 عورتن جي لسٽ ۾ شامل هئي، جيڪي دنيا جون موسٽ انس
پائرنگ عورتون هيون. جولاءِ 2007ع ۾ وينٽي فيئر نالي ميگزين
مشعل جو نالو دنيا جي ڏهه بهترين ترين ڊريس استعمال ڪندڙ عورتن
۾ شامل ڪيو ۽ انهي ميگزين جي جولاءِ 2008ع واري شماري ۾ سٺي
ڊريسز استعمال ڪرڻ تي هن جو نالو ٻيهر لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو.
هي اڪثر ڪري آمريڪن ڊيزائينر ڪلون ڪليئن ۽ آسڪر ڊي لارينٽا جي
برانڊ جي ڊريسز به استعمال ڪندي آهي. هي پهرين آفريڪن آمريڪي
عورت آهي، جنهن آمريڪا جي خاتون اول ٿيڻ جو اعزاز ماڻيو آهي،
اوباما جي فيملي اڃا تائين شڪاگو ۾ ئي رهائش پذير آهي ۽ هاڻي
هو جلد ئي واشنگٽن ڊي سي ۾ رهائش لاءِ منتقل ٿيندا.
|