|

حسين مسرت شاهه
”جامع سنڌي لغات“ منهنجي اڳيان رکيل آهي، آئون ان جي صفحي نمبر
1868 تي لفظ ”غيرت“ جي معنيٰ ڳولي رهي آهيان، ان هڪ لفظ جون
انيڪ معنائون لکيل آهن، جيئن: شڪ، گمان، شبهو، حياءُ اچڻ،
ندامت، تعصب، حسد، ساڙ وغيره وغيره ۽ ”غيرتمند“ لفظ جي معنيٰ
آهي: شرم وارو، حياءُ وارو. ”غيرت“ ۽ ”غيرتمند“ جو پاڻ ۾ تعلق
هجڻ جي باري ۾ سوچيندي ذهن ڪٿان کان ڪٿي هليو ٿو وڃي پر هي هڪ
منجهيل سُٽُ آهي، جنهن جو سِرو هٿ نه ٿو اچي. جيڪڏهن ”غيرتمند“
جو مطلب آهي حياءَ وارو ۽ شرم وارو ته پوءِ اڄڪلهه جيڪي ”غيرت“
جي نالي تي واقعا ٿي رهيا آهن، اهي اسان جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي
ڇو ٿا ڇڏين!؟ اسان اهڙي دور ۾ جيئون پيا، جنهن ۾ هر شيءِ جي
قيمت وڌي رهي آهي. روزاني عام استعمال وارين شين ۽ کاڌ خوراڪ
جي شين کان وٺي پر تعيش شين تائين هر شيءِ جي هڪ قيمت آهي، هڪ
معيار آهي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي پر ٻه شيون آهن،
جن کي مذهب ۽ قانون ته مان مٿانهون ڏنو آهي پر اسان جي معاشري
۾ اهي پنهنجو قدر ۽ قيمت وڃائي چڪيون آهن. اهي شيون آهن،
عورتون ۽ ٻار....! 2008-10-29 جي اخبارن ۾ هڪ ”غيرتمند“ سهري
جي خبر آهي، جنهن جي ”غيرت“کيس پنهنجي ننهن کي بيدرديءَ سان
قتل ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان ”غيرت“ کيس حڪم ڏنو ته ننهن جي
پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي وقت کان پهرين دنيا ۾ آڻي ان کان به جيئڻ
جو حق کسيو وڃي....! سمجهه ۾ نٿو اچي ته ”غيرت“ لفظ جي ڄار ۾
صرف عورت ۽ ٻارن کي ڇو ٿو ڦاسايو وڃي. ڇا هڪ چور، هڪ قاتل جي
مائٽن کي ان جي ڏوهه تي چڙ ۽ ڪاوڙ نٿي اچي سگهي؟ ڇا انهن ماڻهن
جو عمل چڙ جوڳو ڪونهي، جيڪي ڪنهن مجبور لاچار عورت جي مجبوريءَ
جو فائدو ٿا وٺن، ڇا ان ماڻهوءَ جي عمل تي ڪنهن کي به شرم نٿو
اچي، جيڪو پنهنجي زال جو مٿو ڪوڙي ٿو ڇڏي؟ ڇا اسان کي پنهنجي
جهالت تي به غيرت نه ٿي اچي؟ اسين اهڙا دل ڏاريندڙ واقعا روز
پڙهون ۽ ٻڌون ٿا پر اسان کي پنهنجي بيوسيءَ تي ڪاوڙ نه ٿي اچي؟
آخر اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي؟ تعليم جي، اخلاق جي يا محبت
جي گهٽتائي آهي. اسين اخلاقي تنزليءَ جي ”عروج“ تي پهچي ويا
آهيون نفسياتي ماهرن جي راءِ مطابق جڏهن انسان تمام گهڻن مسئلن
۽ پريشانين ۾ وڪوڙجي ويندو آهي ته پوءِ انتهاپسند ٿي ويندو
آهي، شدت پسند بڻجي ويندو آهي، هن جي دل دماغ تي هر وقت ڪاوڙ ۽
چڙ حاوي رهندي آهي. هو پنهنجي صبر ۽ برداشت جي خصوصيت وڃائي
ويهندو آهي. اها انسان جي جبلت آهي ته هو پاڻ کان ڪمزور تي ظلم
ڪندو آهي ۽ جڏهن ڪنهن شيءِ کان خوفزده ٿيندو آهي ته ان تي حملو
ڪندو آهي! عورت تي ٿيندڙ ظلمن کي ڪهڙو نانءُ ڏجي، عورت ڪمزور
ته نه آهي، هوءَ سماج جو هڪ مضبوط ڪردار آهي ۽ اڄ ڪلهه جي دور
جو هڪ ڪامياب ۽ بنيادي ڪردار آهي. شايد سماج جو حسد، ساڙ ۽
تعصب وارو جذبو آهي، جيڪو ان کي هيسائڻ ٿو چاهي، اڄ جي عورت
ڪوڙين رسمن، ريتن جي زنجيرن کي ٽوڙي چڪي آهي ۽ جهالت جي ڪوٽن
جا بنياد لوڏي چڪي آهي. هو علم جي رستي تي پاڻ سڃاڻي چڪي آهي.
هوءَ خلا ۾ به آهي، اسپتالن ۾ به آهي، ڪورٽن ۾ آهي، اسيمبلين ۾
آهي، وزارتن ۾ به آهي مطلب ته هر شعبي ۾ ڪامياب آهي پر نفس
اماره جي ڄار ۾ وڪوڙيل انسان ڇو ان جي حاصلات کان ڊڄي ٿو، ان
کي ختم ڪري ٿو ڇڏي، جڏهن سچائيءَ کي منهن نٿو ڏيئي سگهي ته ان
کي قتل ڪيو ٿو وڃي. انهن سڀني ڪاميابين جي باوجود سنڌ جي عورت
جي حيثيت انهن لفظن مان ظاهر آهي، جيڪي هڪ گهوٽڪي جي هڪ پيءُ،
فيصلي جي دوران پنهنجي ڌيءَ لاءِ چيا هئا. پنهنجي نسيم پاگل
ناٺيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ هن چيو ته: ”جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ نٿي
وڻئي ته ڪاري ڪري ماريس يا وري اچ ته گڏجي ڦوهارو پياري
ڇڏيونس“ اهي جملا، اسان جي تهذيب يافته معاشري جي سوچ کي وائکو
ڪن ٿا. خبر نه آهي ته ڪجهه بيمار ذهنن جي سوچ، حسد ۽ تعصب ۽
”غيرت“ اسان جي قوم ۽ ديس کي ڪٿي وڃي بيهاريندي؟
|