ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشدد  - ليڊ آرٽيڪل

... ۽ جڏهن غربت معصوميت کي گهٽين ۾ خيرات گهرڻ تي مجبور ڪري ٿي

نيلم شيخ

                حيدرآباد جي ڪيترن ئي شاپنگ سينٽرن ۽ گهمڻ واري جڳهين ۽ گهڻو ڪري رات جي وقت هوٽلن تي ڪيترن ئي پينو فقيرن ۽ ننڍڙن ٻارن جي خيرات پنڻ لاءِ ٻارڙن ۽ عورتن جي رش هوندي آهي، 8 سالن جي صائمه جو چوڻ آهي ته هو ڪالي روڊ کان هتي صبح جو 11 وڳي ايندي آهي ۽ ان سان گڏ ان جي ماءُ، ناني، 4 ۽ 3 سالن جون ٻه ڀينرون پڻ خيرات پننديون آهن، هن ٻڌايو ته هو گل سينٽر ۾ ٻين پاڙيوارين عورتن سان گڏ هوندي آهي ۽ ان جي ناني ۽ ماءُ سگنل وٽ بيهي روز خيرات پننديون آهن ۽ رات جو 12 يا هڪ وڳي کانپوءِ هو واپس گهر وينديون آهن. صائمه ٻڌايو ته جڏهن کان هن جي پيءُ کي فالج ٿيو، تڏهن کان وٺي ئي هي ۽ هن جا گهر وارا خيرات پنندا آهن، هو روز 20 کان 40 رپيا ڪمائي ٿي، هو ٻڌائي ٿي ته خيرات پنڻ مهل ڪي ماڻهو دڙڪا به ڏين ٿا ته ايتري وڏي ٿي وئي آهين، شرم نه ٿو اچئي جو خيرات گهرين ٿي. هن ٻڌايو ته سڀ پاڙيواريون گڏ ئي نڪرنديون آهن ۽ واپس به گڏ وينديون آهن. لطيف آباد 4 نمبر جو رهاڪو 7 سالن جو ڪندن ٻڌائي ٿو ته آئون هتي ڦوڪڻا وڪرو ڪندو آهيان ۽ خيرات به وٺندو آهيان، وڏو ڀاءُ به ڦوڪڻا وڪرو ڪندو آهي، روز 50 کان 100 رپيا ڪمائيندو آهيان، منهنجو ڀاءُ منجهند هڪ وڳي چاندني سئنيما وٽ خيرات پنڻ ويندو آهي، 5 ڀائر آهيون، سڀ اهو ڪم ڪندا آهيون. بابا به ڦوڪڻا وڪرو ڪندو آهي. 40 ورهين جي عورت شبانه ٻڌائي ٿي ته هن کي گل سينٽر وٽ خيرات وٺندي ٽي مهينا ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته پهرين منهنجو مڙس ڪمائيندو هو پر هو هاڻي بيمار آهي ۽ وحيد ڪالوني وٽ اسان جا گهر هئا سي سڙي ويا، امداد آئي اها به نه ملي، هاڻي بس ٻارڙن جي ماني لاءِ خيرات پنڻ شروع ڪئي آهي. پنڻ مان 50کان 100 ملي وڃي ٿو، مجبوري آهي خيرات ٿي وٺان ڇا ڪريان، اسين ڏينهن کائون ٿا ته رات ويهون ٿا، ماڻهو دڙڪا ڏين ٿا پر ڇا ڪريون..... 5 ٻارڙا آهن، رات جو هڪ -2 وڳي گهر واپس ويندي آهيان. 8 سالن جي روينا ٻڌائي ٿي ته اسان هتي ڪل 15- 20 فقير آهيون، منهنجو ننڍڙو ڀاءُ به خيرات پنندو آهي، ماڻهن کي مختلف دعائون ڪري انهن کان خيرات وٺندا آهيون. هو ٻڌائي ٿي ته 3 سال ٿي ويا آهن، خيرات جا پئسا امي کي ڏيندا آهيون، ماڻهو 5- 10 رپيا خيرات ڏيندا آهن، ڪو ڪو سخي ماڻهو 100 رپيا به ڏئي ويندو آهي. 6 سالن جي جمنا جيڪا قاسم آباد ۾ رهي ٿي ۽ اها مئڪڊونلڊ ٻاهران گجرا خيرات وٺڻ سان گڏ وڪڻي رهي هئي، ان ٻڌايو ته مون کي بابا هينئر 10 وڳي رات جو هتي ڇڏي ويو آهي ۽ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي زمه زمه جوس اسپاٽ تي ڇڏي ويو آهي، منهنجو بابا ۽ ڀاءُ شادي هال ٻاهران ڦوڪڻا ۽ گجرا وڪرو ڪرڻ ويا آهن، هو جيئن ئي هڪ ٻه وڳي موٽندا ته اسان کي هتان وٺي گهر ويندا، 5-10 رپيا خيرات ملندي آهي، سڄو ڏينهن گهر ۾ گجرا ٺاهيندا آهيون. هن ٻڌايو ته پهرين اسين شهر ۾ پنندا هئاسين ۽ گجرا به کپائيندا هئاسين، هاڻي هتي 2- ٽي مهينا ٿيا آهن، مئڪڊونلڊ جي ٻاهران ويٺا هوندا آهيون. لطيف آباد پوڻا 7 نمبر جي روڊ تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان خيرات پنندڙ هلڻ کان معذور فقير سرور ٻڌائي ٿو ته هو هتي هڪ سال کان خيرات پني رهيو آهي، هن جا ڀائر گڏهه گاڏو هلائيندا آهن، هو ڇهه ٻارن جو پيءُ آهي. هن ٻڌايو ته ڇا ڪريون غريب آهيون، معذور آهيان ٻي ڪا نوڪري به نه آهي، تنهن ڪري گهر وارن کي هڪ ويلي جي ماني کارائڻ لاءِ هي پنڻ جو پيشو اختيار ڪيو آهي. هو ٻڌائي ٿوته ماڻهو دڙڪا به ڏيندا آهن، 7 سالن جي سيتا ۽ 8 سالن جي چيڪو ٻڌايو ته اسين سڀ 10 -12 ڇوڪريون ۽ عورتون دڪانن وٽ ويهون ٿا، اتي ئي ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ روڊ تان ويندڙ ماڻهن کان به خيرات گهرون ٿا، ڪڏهن ڪڏهن مارڪيٽ به پنڻ ويندا آهيون، ماڻهو دڙڪا ڏيندا آهن، معاف ڪر..... هل. هن ٻڌايو ته هڪڙو ڀاءُ آهي پر اهو به زال کي وٺي ٽنڊوالهيار هليو ويو آهي، هاڻي گهر ۾ ڪو ڪمائڻ وارو ناهي، تنهن ڪري اسين سڀ خيرات پنڻ وينديون آهيون، لڇمي ٻڌائي ٿي ته هن جو مڙس ڪاغذ ميڙيندو آهي ۽ هڪ سال جو ٻار به آهي، روز خيرات ۾ 40-50 رپيا ملن ٿا، سي به چانهه پاڻي تي خرچ ٿي وڃن ٿا، اسان کي 2 اڍائي سال ٿيا آهن، هر روز پنڻ ويندا آهيون، اسان جا مرد به پنڻ ويندا آهن.