ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

ٿـڪ جـو    احساس درگذر  ٿـي سگهي ٿو

 

راحيلا سومرو/حيدرآباد

 

                بزرگن ٺيڪ ئي چيو آهي ته ”سخت محنت سان ڪنهن کي به تڪليف نه پهچندي آهي.“ اسان کي اڪثر انساني جسم جي سخت هجڻ تي تعجب ٿيندو آهي ته بيماري، ٿڪاوٽ، سردي ۽ گرمي جي اثرن کي ڪهڙي طرح آساني سان دور ڪري ڇڏيندو آهي. اسان جي معاشري ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون مائرون موجود آهن، جيڪي وڌيڪ اولاد هجڻ باوجود بغير ڪنهن ڪم ڪندڙ ملازم رکڻ جي پوري گهر جو اڪيلي سر ڪم ڪنديون رهنديون آهن ۽ نه ئي اسان جي معاشري ۾ اهڙين عورتن جي گهٽتائي آهي، جيڪي گهر يا آفيس جو سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ کانپوءِ به هو شام جو ايترو وقت ڪڍنديون آهن، جنهن ۾ هو ٻين سرگرمين ۾ به حصو وٺنديون آهن. جهڙوڪ سلائي ڪرڻ ۽ ٻارن کي تعليم وغيره ڏيڻ. ان جي ابتڙ اهڙيون عورتون به آهن، جيڪي هميشه ٿڪاوٽ جو شڪار رهنديون آهن، هو ڪجهه ڪلاڪ ڪم ڪندي ئي ٿڪجي پونديون آهن. جلدي سمهنديون آهن ۽ صبح جو اُٿنديون آهن ته ٿڪل نظر اينديون آهن. انهن کي هر وقت مٿي ۾ سور، جلدي ٿڪجي پوڻ ۽ بک نه لڳڻ جي شڪايت ڪنديون رهنديون آهن، اڳي زماني ۾ ماڻهن جي سستي ۽ ڪاهلي تي چيو ويندو هو ته جيڪڏهن ٿوري محنت ڪجي ته اها ڪاهلي ۽ نااهلي سڀ دور ٿي ويندي ۽ گهڻين عورتن کي طعنا ڏئي ڪري وڌيڪ محنت ۽ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو نتيجو ابتو نڪري ٿو ۽ هو اعصابي ڪمزوري جي ڪري بيمار ٿي پوي ٿي. اڄڪلهه سائنسدان انهي جي لاءِ گوريون ۽ انجڪشنون ايجاد نه ٿا ڪن پر هو انهي جلدي ٿڪجڻ جو اصل سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڪجهه عورتن جو مسلسل ٿڪجڻ ڪنهن جسماني ٿڪاوٽ جي ڪري نه پر ان جي ان ڪيفيت جو سبب ان جي اندر ئي ملندو. گهريلو عورت جي ٿڪجڻ جو پهريون سبب ان جو اهو رويو آهي، جيڪو هو ڪم متعلق رکي ٿي. گهڻن سالن تائين اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪري جڏهن ٻاهر اچي ٿي، هو سمجهي ٿي ته گهر هلائڻ وڌيڪ مشڪل ڪم نه آهي، اها ڪوشش ڪندي آهي ته هو مثالي عورت ٿي ڏيکاري. وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته هو ٻن ٽن سالن ۾ ئي ڪم ڪرڻ وقت جلدي ٿڪجي پونديون آهن. ان جو هڪ سبب هن جي ذهني ڪشمڪش جي اعصابي خرابي به هوندي آهي، جيڪا بلڊ پريشر جو نتيجو ٿيندي آهي. ڳالهه ڳالهه تي وڙهڻ جو دل ڪندو آهي. اعصاب جو اهو دٻاءُ ڪيتري عرصي تائين رهڻ ڪري اهي عورتون بيمار ٿي پونديون آهن، انهن جو دماغ مختلف سوچن ۾ ايترو گرفتار رهندو آهي جو هو هٿ وارو ڪم به صحيح طريقي سان نه ڪري سگهنديون آهن ۽ هو پنهنجي ڪاوڙ، پريشاني ۽ ناپسنديدگي جي جذباتن کي دل ئي دل ۾ دٻائي رکندي آهي.