ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2 |
|
عورت جي خود اعتمادي ئي سندس ڪاميابي آهي ساجده ميمڻ اڄ اسان 21 صدي ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ترقي اسان جي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري اسان جا خيالات به تبديل ٿي ويا آهن ۽ گڏوگڏ اسان جون روايتون ۽ رسمون جيڪي اڄ کان 50-60 سال پهرين موت ۽ زندگي جو مسئلو هونديون هيون، هاڻي اهي به پنهنجي حيثيت گهڻي قدر وڃائي چڪيون آهن. تبديل ٿيندڙ هن معاشي دائري عورتن جي سوچ کي به نئون رخ ڏنو آهي، اڄ کان پنج سال پهرين واري دور کي اسين ڏسنداسين ته مردن ۽ عورتن جي ڪم ۾ واضح فرق نظر ايندو هو، عورتن جي ڪم جو دائرو صرف ٻارن جي سار سنڀال ۽ گهر تائين محدود هو، معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ مردن جو ڪم هو ته پئسو ڪيئن ڪمائجي، گهرن وارن جي ضرورتن کي ڪهڙي ريت پورو ڪجي. اهو مردن جو مسئلو هوندو هو، معاشي طور تي ڪم جي تقسيم جي ڪري عورت هر حال ۾ خاندان جي مردن جي حڪمن جي پيروي ڪندي آهي، شادي کان پهرين ان تي فرض هو ته هوءَ پنهنجي پيءُ جي هر ڳالهه ۽ هر حڪم مڃي، اهڙي طرح ڀائرن جي فرمانبرداري ڪرڻ به ان تي لازمي هو، پوءِ ڀلي اهو ڀاءُ هن کان عمر ۾ ننڍو ڇو نه هجي. شادي کانپوءِ وري گهر واري جو حڪم مڃڻ ان لاءِ لازمي هو. مڙس کان علاوه گهر ۾ ٻيا مرد جهڙوڪ، سهرو ۽ مڙس جا ڀائر شامل آهن، انهن جي خدمت ۽ انهن جي حڪمن جي تعميل ڪرڻ به ان تي لازم آهي. هن کي ان ڳالهه جي اجازت نه هئي ته عورت مردن سان برابري ڪري. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عورتن جو دائره اختيار به وڌندو ويو. اڄ جي جديد دور ۾ ان ڳالهه جي ضرورت وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويئي آهي ته عورت پنهنجو حقيقي ڪردار ادا ڪري. اهو ئي سبب آهي ته عورتون زندگي جي هر ميدان ۾ مردن سان گڏوگڏ ڪم ڪندي نظر اچن ٿيون. ڪٿي عورت معاشي طور تي مرد جو سهارو بڻجڻ لاءِ ٻاهر نڪرندي آهي ۽ ڪٿي وري پنهنجي اهميت تسليم ڪرائڻ لاءِ ۽ پنهنجي صلاحيتن جو لوهو مڃرائڻ لاءِ سرگرم نظر ايندي آهي پر ان دوران ان کي ڪيترن ئي مشڪل رستن تان گذرڻو پوندو، جنهن جو اندازو هو پاڻ ڪري سگهي ٿي، ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ ممڪن نه آهي ته اسان جي معاشري ۾ اڄ به عورت جي برتري مردن کي مشڪل سان برداشت ۽ هضم ٿئي ٿي. اسان جو معاشرو ان عورت کي پسند ڪندو آهي، جنهن جي دل ۾ مردن جو خوف هجي، جيڪا مردن کي برتر سمجهي. اهڙيون عورتون جيڪي پاڻ کي مڃرائڻ چاهين ٿيون جيڪي معاشري جي اکين ۾ اکيون وجهي پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪن ٿيون، انهن کي هي معاشرو وڏي مشڪل سان هضم ڪري ٿو. اهڙين عورتن کي سزا ڏيڻ لاءِ مرد انهن تي طرح طرح جا الزام لڳائڻ کان به پاسو نه ٿا ڪن. اهڙي صورتحال مان عورت کي پاڻ مڃرائڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جا موقعا به گهٽ ملن ٿا ۽ جيڪڏهن ملن به ٿا ته انهن کي وڏين مشڪل حالتن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. نوڪري ڪندڙ عورتن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هو پنهنجي گهر ۽ نوڪري ۾ توازن ڪيئن پيدا ڪن، خاص ڪري شادي شده ۽ گهريلو عورتون. اڪثر ڪري اهڙي قسمن جا واقعا ڏسڻ ۾ ملندا آهن ته هڪ نوڪري ڪندڙ عورت تي سندس مڙس ضرورت کان وڌيڪ شڪ ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن نوڪري ڪرڻ واري عورت جي آفيس يا فيڪٽري مان گهر ۾ ڪنهن مرد جو فون اچي وڃي ته مصيبت پيدا ٿي ويندي آهي. ان عورت جو مڙس انهي معمولي ڳالهه کي وٺي ڪري گهڻن ئي ڏينهن تائين طنز ۽ طعنا هڻندو رهندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نوڪري ڪرڻ وارين عورتن جي به اوتري ئي عزت ڪرڻ گهرجي، جيتري هڪ گهريلو عورت جي هوندي آهي. انهن مردن کي پنهنجي عورتن جو خيال رکڻ گهرجي، جيڪي گهرن مان صرف ٻاهر ان ڪري نڪرنديون آهن جو هو معاشي طور تي پنهنجي خاندان کي ڪجهه سهولتون فراهم ڪري سگهن. |