وزير اعظم جي دوري جي پهرئين ڏينهن تي پاڪستان لاءِ اناج جي خريداريءَ لاءِ ساڍا 11 ڪروڙ ڊالرن جي جنهن امداد جو اعلان ٿيو آهي، ان جي بنياد تي ان دوري جي ڪاميابيءَ جي دعويٰ نٿي ڪري سگهجي. وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ جو دورو ڪيتريقدر ڪامياب رهندو، ان جي ڪٿ اسان صرف ۽ صرف اعلانيل امداد مان نٿا ڪري سگهون. توڙي جو ڊيموڪريٽڪ سينيٽر طرفان پاڪستاني امداد ۾ ٿيڻ تي اضافو ڪرڻ وارو مجوزه بل به اکين تي، پر پاڪستان کي 5 سالن ۾ جيڪا امداد آمريڪا ڏيڻ چاهي ٿو، اها به ڏيڍ ارب ڊالر سالياني ٿئي ٿي، جڏهن ته آمريڪا اسرائيل کي اڍائي ارب ڊالر ۽ مصر کي ڏيڍ ارب ڊالر امداد ڏئي رهيو آهي. ان حوالي سان پاڪستان، جيڪو ان جو غير نيٽو اتحادي آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اهم اتحادي آهي، ان جي اهميت مصر جيتري به نه آهي؟ اها امداد ته پاڪستان کي ملندي پر ان جي بدلي ۾ پاڪستان کان ڇا ورتوويندو؟ ڇا طلب ڪيو ويندو، اصل ڳالهه اها آهي، تشهير ان جي به ٿيڻ گهرجي ته وزير اعظم ڇا وٺي آيو آهي، ۽ اها سڌ به قوم کي ملڻ گهرجي ته وزير اعظم اتي ڇا ڏيئي آيو آهي.

آمريڪا هن وقت دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ عالمي امن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان لاءِ هو پاڪستان جي چونڊيل قيادت سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو. کيس پاڪستانيءَ جي سلامتيءَ جو وڏو اونو آهي. دراصل آمريڪا جا لاڳاپا ان جي مفادن لاءِ ئي هوندا  آهن. نه ئي اسان جي مفادن لاءِ. پهرين آگسٽ 1969ع تي ٻن ڏينهن لاءِ آمريڪي صدر نڪسن پاڪستان جي دوري تي لاهور آيو هو ۽ يحيٰ خان سان ملاقات ڪئي هئي. اصل ۾ ان ملاقات ۾ به نڪسن چين سان سفارتي لاڳاپن لاءِ پاڪستان جو تعاون گهريو هو. يحيٰ خان ان ايجنڊا تي ڪم ڪيو، ان جي نتيجي ۾ هينري ڪسنجر خفيه دوري تي بيجنگ پهتو، جڏهن ته دنيا ائين سمجهيو ته اهو پاڪستان جي پرفضا مقام ”مري“ ۾ موجود آهي.  آمريڪا جا لاڳاپا جي بهتر نه رهيا آهن، ته پاڪستان جي چونڊيل جمهوري حڪومتن سان. ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتداري دور ۾ آمريڪا سان لاڳاپا ٿڌاڻ جو شڪار رهيا، بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي حڪومتي دورن ۾ به لاڳاپا ڪي ايترا بهتر نه رهيا، پر وري جڏهن آمريڪا کي پاڪستان جي 80ع ۾ ضرورت پئي، جڏهن روسي فوج افغانستان ۾ هئي ته پاڪستان جي بند ٿيل امداد بحال ڪئي وئي. 1981ع ۾ پاڪستان کي 30–ارب ڊالرن کان به وڌيڪ جو معاشي پيڪيج ڏنو ويو ۽ فوجي امداد جو پنج سالن جو پيڪيج پڻ ڏنو ويو، ان کانسواءِ 1986ع ۾ چار ارب ڊالرن جو پيڪيج ڏنو ويو.

وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جنهن ڏينهن آمريڪا ۾ هو، ان ئي ڏينهن سندس ديس تي آمريڪي ۽ اتحادي فوج ميزائيل حملو ڪيو آهي. وزيراعظم آمريڪا کي صرف هڪ طرفي ڪارروائي نه ڪرڻ جو چوندو رهيو آهي، ايتري قدر جو موصوف آمريڪي اختيارين اڳيان ڪو سگهارو احتجاج به رڪارڊ ڪرائي نه سگهيو آهي. هن وقت خطي جي جيڪا صورتحال آهي، ان حساب سان موصوف پاڪستان جي اهميت آمريڪي اختيارين کان مڃرائي وٺندو يا وري محض دورو ”ڪامياب“ قرار ڏيئي موٽي اچڻو آهي؟