|
سنڌ يونيورسٽي: ”هاڻ هتي ماحول ڪيئن آهي؟“ اشفاق لغاري
لاهور ڄائي کاٻي ڌر جي مشهور شاگرد اڳواڻ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ طارق علي، ماهوار انگريزي رسالي،نيوز لائن کي ڏنل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾، ڪنهن سوال جي جواب ۾ چيو هو ته،ٻاهرين دنيا جي ماڻهن جو پاڪستان جي باري ۾ خيال آهي ته، اتي يا ته صرف وردي وارا رهن ٿا، يا دهشتگرد يا وري طالبان.ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي دوري تي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جو هڪ وفد آيو هو، وفد ۾ وفاقي يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جا استاد ۽ شاگرد شامل هئا، وفد جي ملاقات جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي شاگردن سان ٿي ته، وفاقي يونيورسٽي جي هڪ شاگرد پهريون ئي سوال اهو پڇيو ته، ”هاڻ هتي ماحول ڪيئن آهي؟“، سنڌ يونيورسٽي جو جواب ڏيندڙ شاگرد ان ”هاڻ“ ۾ منجهيل سڄي سٽ کي ڪجهه هيئن سلجهائڻ لڳو، ”سنڌ يونيورسٽي جو ئي نه، پر ملڪ جي سمورن سرڪاري اعلي تعليمي ادارن جو ماحول سياسي لحاظ کان هڪجهڙو آهي، پر بدنام صرف اسانجي مادر علمي کي ڪيو ٿو وڃي“. ان کان اڳ جو وفاقي اردو يونيورسٽي جو شاگرد اهڙوئي ڪو ٻيو سوال ڪري، وري سنڌ يونيورسٽي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي ان ساڳئي شاگرد پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيمن وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙن جا حوالا ڏئي دوري تي آيلن کي ڳالهه کولي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي وفاقي يونيورسٽي جي هڪ شاگردياڻي چيو ته،...”پر اهي ادارا ائين مهينو مهينو جهيڙن جي ڪري بند ته ناهن ٿي ويندا...“ جنهن تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد چيو ته، ”پوءِ ڪير ٿو چئي ته سنڌ يونيورسٽي شاگرد تنظيمن جي جهيڙن جي ڪري مهينو مهينو بند رهي ٿي؟ اهو دور ويو هليو، جڏهن ائين ٿيندو هو، هاڻ اسان جا ڪلاس ريگيولر هلن ٿا، هتي حاضري تي تمام گهڻي سختي ڪئي وئي آهي.جنهن شاگرد جي حاضري گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سيڪڙو تائين ناهي هوندي ته ان جو امتحاني فارم ناهي ڀرجي سگهندو“. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران وفاقي اردو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن کي ڏنل ان بريفنگ کي اڃا مهينو ئي مس گذريو هوندو ته،تازو هلندڙ امتحانن دوران سنڌ يونيورسٽي جي بلاڪ هاسٽل ۾13 مئي اڱاري واري رات جو دير سان شاگردن جي ٻن گروپن وچ ۾ ٿيل جهيڙي ۾ سوشالاجي شعبي جي ٽئين سال جو شاگرد عبدالنبي بروهي قتل ٿيو آهي ۽ امتحان اڻ ڄاتل مدي تائين پرو وائس چانسلر طرفان ملتوي ڪيا ويا، جيڪي هاڻ يونيورسٽي جي اعلان موجب 26 مئي سومر واري ڏينهن کان ٻيهر ورتا ويندا. سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر واقعي پيش اچڻ وارن ڏينهن ۾ڪئنيڊا جي دوري تي ويل هو، جتان موٽندي ئي هُن، هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي، امتحان 26 تاريخ کان وٺڻ وارو فيصلو ڪيو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي سان سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان پڻ هڪ ملاقات ڪئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڀلي کڻي زباني طور مقتول شاگرد جي ڀائرن سان عذر خواهي ڪرڻ وقت قتل ۾ مبينا ملوث ڄاڻايل ست شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ جو چيو آهي پر يونيورسٽي انتظاميا پاران هنن سٽن لکجڻ تائين ڪو اهڙو نوٽيس ناهي جاري ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيل ان قتل واري واقعي جي جانچ لاءِ ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسي پاران ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته، يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽ ويلفيئر آفيسر رفيق بروهي جي ٻانهن به گهري وئي آهي. جنهن جو نالو مقتول شاگرد جي ويجهي عزيز پاران ايف آءِ آر ۾ پڻ ڏياريو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا تي ايستائين هن قتل واري واقعي ۾ گهڻيون آڱريون ان ڪري به کڄنديون رهيون آهن ته، ان پاران اڃا تائين رفيق بروهي جي ٻانهن پوليس حوالي نه ڪئي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش آيل هن واقعي تي سنڌ جي ساڃاهه وند برادري جي خاموشي تي ته حيرت ٿئي ٿي، پر پريشاني جهڙي ڳالهه اها آهي ته، پيپلز پارٽي سنڌ جي قيادت به هن واقعي کانپوءِ يونيورسٽي جا امتحان ملتوي ٿيڻ واري افسوسناڪ خبر جو نوٽيس ناهي ورتو، جڏهن ته جيڪو نوجوان قتل ٿيو آهي، ان جو تعلق سپاف سان ٻڌايو ٿو وڃي ۽ ايستائين جيڪا امن امان جي خراب صورتحال يونيورسٽي ۾ ۽ خاص ڪري بوائز هاسٽلن تي رهي آهي، ان جا الزام پڻ سپاف تي ئي لڳي رهيا آهن.جنهن رات واقعو پيش آيو آهي، ان کانپوءِ هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي رات پيٽ ۾ هاسٽلون خالي ڪري وڃڻ جو الٽيميٽم ڏيندڙ ڪير هئا ۽ صبح جو 13 مئي اڱاري واري ڏينهن آرٽس فيڪلٽي ۾ فائرنگ ڪري، استادن کي پنهنجي آفيسن مان نڪري وڃڻ جون ڌمڪيون ڪهڙي شاگرد ونگ جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن ڏنيون، ڳولي انهن کان به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.ڪجهه وقت اڳ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر نثار کهڙو سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي طرفان ڪرايل آرٽس فيسٽيول جو افتتاح ڪرڻ آيو هو ته،کيس سپاف جا جهنڊا مٿي تي ٻڌل نوجوانن تمام سٺو پروٽوڪول ڏنو هو، پر سندن، اهو پروٽوڪول ساراهجي شايد ان ڪري نه سگهيو ته، ڪارڪنن پاران ڊسيپلين جو خيال نه رکيو ويو ۽ ان پروگرام ۾ ڪجهه لمحا اهڙا به آيا جو مٿي تي جهنڊا ٻڌل، اهي نوجوان ”زندهه هي ڀٽو، زندهه هي “ جا نعرا هڻندي ايڏا ته جذباتي ٿي ويا جو پروگرام ڪرائيندڙن کي کين ماٺ ڪرائڻ لاءِ شهيد راڻي جا قسم ڏيڻا پئجي ويا هئا، سنڌ جون قومپرست پارٽيون به ماٺ آهن، انهن پاران به مسئلي جي حل لاءِ ڪي ڪوششون ناهن ورتيون ويون، هر ڌر جي اها ڪوشش آهي ته، ان واقعي جي ڪري جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي جو گراف ڪري ٿو ته، سٺي ڳالهه آهي. هڪڙيون ڌريون اهڙيون به آهن، جيڪي ان واقعي مان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويون آهن، انهن پاران واقعي کي وڌائي، گهٽائي پيش ڪرڻ وارو ”ڪم“ وڏي مهارت سان ڪيو پيو وڃي. اهي ماڻهو سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن، ڄامشوري ۾ واقع سنڌ جي ٽن اعليٰ تعليمي ادارن سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ شاگرد سياست سدائين ميڊيا جي نشاني تي رهي آهي.هڪڙي دور ۾ انهن ڪجهه شاگرد ڌرين جي ڪارنامن ڪري سنڌ يونيورسٽي تي ”بند“ يونيورسٽي ۽ ”ڪيٽي“ سنڌ يونيورسٽي جا نالا به پيا هئا. سنڌ جي ٽنهي اهم تعليمي ادارن جي سياست ڪيئن ٿي ٿئي، ان جا اهم فيصلا ڇا اهي ڪيمپس ۾ گهيڙ واريون سلوارون پائي گهمندڙ شاگرد اڳواڻ ئي ڪندا آهن يا ڪي اڃا ٻيون ڌريون آهن، جيڪي پردي پٺيان آهن؟ ڪنهن شاگرد اڳواڻ جي گرفتاري کان پوءِ ڄامشوري ٿاڻي تي ان جي بازيابي لاءِ پوليس موجب جن سنڌ جي اهم سياسي هيڊ ڪواٽرن تان فون اچن ٿا،شايد اتي ئي اهم فيصلا ٿيندا هجن؟ بهرحال سنڌ يونيورسٽي کان ٻاهر ويٺل ماڻهن جو به سنڌ يونيورسٽي جي باري ۾ ڪراچي جي وفاقي اردو يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن جيان شايد اهو ئي خيال آهي ته، يونيورسٽي ۾ صرف اهڙائي ماڻهو رهن ٿا، جهڙا دنيا جي ٻين ملڪن جي ماڻهن جي خيال ۾ پاڪستان ۾ رهن ٿا. ashfaqlaghari@gmail.com |