|
هاڻ ورڪر ڀٽن جي درن تان ملندڙ محبتون وساري ڇڏين؟ ذوالفقار قادري پ پ جي روايت رهي آهي ته ان جي ليڊرن جي گهرن جا در سدائين ان جي ڪارڪنن ۽ ووٽرن لاءِ کليل رهيا آهن. انهن درن تان پ پ ورڪرن کي جيڪي عزتون ۽ محبتون پلئه پيون آهن، ڀٽن توڙي پي پي سان ماڻهن جي هميشه ڳنڍجي رهڻ جو هڪ وڏو سبب اهي به آهن. انهن محبتن جي به هڪ انوکي تاريخ آهي، جنهن جا هزارين مثال ۽ يادگار واقعا مختلف ڪارڪنن جي دلين ۾ دفن آهن. اهي محبتون رڳو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، ان جي شهيد نياڻي ۽ شهيد پٽن جي ئي سڃاڻپ نه هيون، پر خود ڀٽي صاحب جون گهر واريون به ان حوالي سان پنهنجو مٽ ۽ مثال پاڻ هيون. بيگم نصرت ڀٽو سان شاديءَ بعد ذوالفقار علي ڀٽو اڪثر اقتدار جي ايوانن ۾ رهيو ۽ سندس پهرين ۽ وڏي گهر واري شيرين امير بيگم اچي پنهنجو اباڻو گهر نئون ديرو هائوس وسايو. جيڪي ان دور بابت ڄاڻن ٿا، تن کي خبر آهي ته هوءَ نئون ديرو وارن لاءِ ڇپر ڇانءَ هئي. شادي غميءَ ۾ هو نئون ديرو واسين سان گڏ هوندي هئي. جيتوڻيڪ شيرين امير کي ڪو به اولاد نه ٿيو، پر اڪثر نئون ديرو واسي پنهنجي پٽن جا موڙ ۽ ڳانا کانئس ٻڌرائي، فخر محسوس ڪندا هئا. ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي آيو ته پنهنجي شيڊيول جا اڌ ڏينهن المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۽ اڌ ڏينهن نئون ديرو هائوس تي گهاريندو هو. شيرين امير پنهنجي پيءُ نواب احمد خان جي روايت کي برقرار رکندي، نئون ديرو هائوس جا در غريبن ۽ مسڪينن لاءِ کولي ڇڏيا هئا. جن غريبن جي پهچ ڀٽي صاحب تائين نه هوندي هئي، اهي سائل پنهنجون درخواستون شيرين امير کي ڏئي ويندا هئا ۽ جڏهن وري ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي ايندو هو ته بيگم شيرين امير کيس اهي درخواستون ۽ ڪم ڏسيندي هئي. هوءَ پنهنجي وزيراعظم مڙس کان پنهنجي لاءِ ڪڏهن به ڪجهه نه طلبيندي هئي. چوندي هئي ته تر جي مسڪينن جا ڪم ٿيا ته مون کي سڀ ڪجهه ملي ويو. ڪيترن ئي نوجوانن ۽ نياڻين کي روزگار سان لائڻ ۾ شيرين امير جو وڏو ڪردار رهيو. نئين ديري واسي کيس ”جيجي امان“ ڪوٺيندا هئا. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيءَ بعد انهيءَ گهر کي وري شهيد بينظير اچي وسايو. شهيد راڻي وزيراعظم هجي يا نه هجي، پر نئون ديرو هائوس کي هن هميشه مرتبو بخشيو. ٻئي دور ۾ ته نئون ديرو هائوس کي وزيراعظم هائوس جو رتبو مليو. مون کي نئون ديرو هائوس جا اهي ڏينهن اڃا به ياد آهن، جڏهن شهيد بينظير ڀٽو اسلام آباد مان ڪيترن پڙهيل لکيل غريب ۽ مسڪين نوجوانن جي نوڪرين جا آرڊر پاڻ سان گڏ کڻي اچي هتي ورهائيندي هئي. هڪ عيد جي اها شام مون کي اڄ به ياد آهي، جڏهن شهيد راڻي بينظير وزيراعظم جي حيثيت ۾ نئون ديرو هائوس جا دروازا غريبن لاءِ کولائي ڇڏيا هئا. پاڻ شامياني ۾ ويٺي نوجوانن ۽ سائلن جا مسئلا ٻڌي رهي هئي ۽ کانئن درخواستون پئي ورتائين. شهيد راڻي مسلسل چار ڪلاڪ ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ بعد پنهنجي ذاتي ملازم عثمان فليش کان چانهه گهرائي، جيڪا سندس آڏو آڻي ٽيبل تي رکي وئي. ايتري ۾ هڪ بيروزگار سائل نوجوان ٿاٻڙجي ڪري پيو ۽ شهيد راڻي بينظير جي چانهه جو ڪوپ ٽيبل تي هارجي پيو. سموري گرم چانهه وڃي بينظير صاحبه جي جهوليءَ ۾ پئي. سيد عبدالله شاهه وڏي وزير طور اتي موجود هو. گڏوگڏ آءِ جي، چيف سيڪريٽري، ملٽري سيڪريٽري، اي ڊي سي، ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي به ويٺا هئا، جيڪي پريشان ٿي ويا. اهو حال ڏسي فوري طور سيڪيورٽي وارن سائلن مٿان لٺيون وسائڻ شروع ڪري ڇڏيون. بينظير پوليس آفيسرن تي ڪاوڙجي پئي ته ”چانهه مون تي ڪري آهي، اوهان جو ڇا وڃي جو غريبن کي لٺيون ٿا هڻو.“ پاڻ نوجوانن کي هدايت ڪيائين ته اوهان جي ڀيڻ اوهان سان گڏ آهي، اوهان تڪڙ نه ڪريو، مان ڪپڙا تبديل ڪري وري اوهان سان اچي ملان ٿي، ڪو به نه وڃي. ان بعد محترمه بينظير وري ويهن منٽن بعد پنڊال ۾ موٽي آئي. نواب احمد خان ڀٽي جو دور هجي يا شيرين امير جو، ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا شهيد راڻي بينظير ڀٽو، اقتدار ۾ هجن يا اقتدار کان ٻاهر، نئون ديرو هائوس، المرتضيٰ هائوس، 70 ڪلفٽن، بلاول هائوس، زرداري هائوس عوام لاءِ هميشه کليل هوندا هئا. محترمه جڏهن ٻئي ڀيري وزيراعظم بڻي ته ناهيد خان، ڊاڪٽر صفدر عباسي، خورشيد جوڻيجو، انور ڀٽو، غلام الله ماهوٽي، نظير ڌوڪي سميت ڪيترا ئي پارٽي اڳواڻ عوام جي خدمت لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ مقرر ڪيا ويا هئا. پهرئين اقتدار واري دور ۾ مسز بي اي قريشيءَ جي قيادت ۾ بيروزگار نوجوانن لاءِ پليسمينٽ بيورو ٺاهيو ويو، جنهن ذريعي اٽڪل اسي هزار غريب نوجوانن کي بغير ڪنهن فرق جي ايف آءِ اي، پوليس، ڪسٽم، پي آءِ اي، بينڪن ۽ ٻين ادارن ۾ نوڪريون ڏنيون ويون. ٻئي دور حڪومت ۾ به اٽڪل هڪ لک ويهه هزار نوڪريون ڏنيون ويون. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي مٿان ريفرنس ته برداشت ڪيا، پر فخر سان چوندي رهي ته جيڪڏهن غريبن کي نوڪريون ڏيڻ تي ريفرنس جڙن ٿا ته مون کي انهن جي ڪا به پرواهه ناهي. هاڻي نه ڀٽو صاحب هن دنيا ۾ آهي، نه ئي شهيد راڻي بينظير ڀٽو اسان جي وچ ۾ موجود آهي، پر وزيراعظم ته پ پ جو آهي. مون کي حيراني ٿي، جڏهن سنڌ جي بيروزگار ملازمن جي جدوجهد سانگي وزيراعظم سيڪريٽريٽ وڃڻ ٿيو ته بينظير بعد مون کي وزير اعظم هائوس سنڌ لاءِ اوپرو نظر آيو. اتي ڪو به سنڌي ماڻهن جي صدا ٻڌڻ وارو موجود نه آهي. ڪو پارٽي ورڪرن جي آجيان ڪرڻ وارو ڪونهي. وزيراعظم هائوس تي تعينات سيڪيورٽي فورسز جي ماڻهن جو عوام ۽ ورڪرن سان رويو تمام اڍنگو هو. وزير اعظم هائوس کي ڇڏيو، مون کي ته نئون ديرو واري بينظير هائوس تي به عجب رنگ نظر آيا. جڏهن لياري ۽ نوابشاهه مان گهرايل مسلح گارڊن ماڻهن کي ڇڙٻون پئي ڏنيون. ان وقت ته دل بلڪل ڀرجي آئي، جڏهن هڪ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪن کي نئون ديرو هائوس مان گارڊن ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو. اهو نئون ديرو هائوس جتان ماڻهو عزتون ماڻي ويندا هئا، اڄ عجب رنگ ۾ رنڱيل آهي. شهيد بينظير ڀٽو هر ڪنهن کي عزت ڏيندي هئي، هاڻ خبر ناهي سرڪار جو چرخو ڪيئن پيو هلي. مون ڪيترن ورڪرن کي ته ائين به چوندي ٻڌو”بابا، جيڪا اسان جي دک درد کي سمجهندي هئي، اها هن دنيا مان هلي وئي. هاڻي جيڪڏهن عزت نٿا ڏيو، ته ڌڪا ته نه ڏيو.“ پ پ قيادت کي هن مامري تي به غور ڪرڻ گهرجي. ڇو ته پارٽي جي اصل طاقت عوام ۽ ان جا ڪارڪن آهن. انهن کي ٻيو ڪجهه نٿو ملي ته عزت ته انهن جو حق ئي آهي. |